18 اتوار , نومبر 2018

ڀارت خلاف مضبوط ڪيس تيار ڪرڻ لاءِ پي سي بي جون ڪوششون تيز

Sharp PCB efforts to create a strong case against Indiaڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڀارت خلاف مضبوط ڪيس ٺاهڻ  جي ڪوشش تيز ڪري ڇڏي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ”ڀگ ٿري“ جي حمايت جي بدلي ۾ پاڪستان سان 2014 ۾ 6 گڏيل سريز جو معاهدو ڪيو هو، ان دوران 2015 کان 2023 تائين 14 ٽيسٽ 30 ون ڊي ۽ 12 ٽي 20 ميچون کيڏيون وڃن ها، پر ڀارت واعدو پورو نه ڪيو، بعد ۾ ”بگ ٿر“ جو به خاتمو ٿي ويو.  پاڪستان مالي خساري جو جواز ڄاڻائيندي هلندڙ سال جنوري ۾ ڀارتي بورڊ خلاف 70 ملين ڊالرن جي مالي نقصان جو ڪيس ڪيو هو، جنهن ۾ برطانوي وڪيل سهڪار ڪري رهيا آهن، ان سان  ملاقات لاءِ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جمعي تي لنڊن روانو ٿيندو، اتان کان سبحان احمد پڻ سهڪار لاءِ موجود رهندو، ان موقعي تي ڪيس مضبوط ٺاهڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي بورڊن لکت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، هاڻ هڪ ٻئي ڪا ڪاغذ طلب ڪيا ويا آهن، انهن مطالعو ڪرڻ بعد جواب جمع ڪرايا ويندا، آءِ سي سي جي تڪرارن جي حل واري ڪميٽي پهرين کان 3 آڪٽوبر تائين دبئي ۾ ٻڌڻي دوران ڪيس جو فيصلو ڪندي، ان لاءِ مائيڪل هيلوف جي سربراهي ۾ پينل جوڙيو ويو آهي جنهن جا ٻيا ميمبر جان پولسن ۽ انابيل  بينيٽ آهن، ان فيصلي کي چيلنج نه ڪري سگهبو، ان فيصلي کي ٻئي بورڊ مڃڻ جا پابند هوندا، پي سي بي کي يقين تي کين ان ڪيس ۾ ڪاميابي ملندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے