17 ہفتہ , نومبر 2018

پي سي بي کي ايندڙ عالمي ڪپ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: عبدالقادر

Abdul Qadir should be considering the next World Cup: Abdul Qadirلاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالقادر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مشورو ڏنو آهي ته گرين شرٽس کي ننڍين ٽيمن سان سريز کيڏائڻ بجائي 2019 جي عالمي ڪپ تي ڌيان ڏنو وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ميگا ايونٽ ايندڙ سال انگلينڊ ۾ شيڊول آهي ۽ سان کي هاڻي ئي پنهنجن رانديگرن کي اُتان جي پچن ۽ ڪنڊيشنز موجب تيار ڪرڻ گهرجي، عبدالقادر چيو ته زمبابوي ۾ جاري ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز دوران پاڪستان ٽيم کي وڌيڪ فائدو انڪري نه ٿيندو ڇو ته ته زمبابوي عالمي رينڪنگ ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم پڻ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ اڻ تجربيڪار آهي. 1977کان 1993 تائين 67 ٽيسٽ ۽ 104 ون ڊي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندڙ جڳ مشهور ليگ اسپنر عبدالقادر چيو ته عالمي ڪپ جي تيارين ۽ رانديگرن جي ٽيڪنيڪ ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ گرين شرٽس کي عالمي ڪرڪيٽ جي وڏين ۽ مضبوط ٽيمن سان گڏ سريز کيڏڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ٽيم خلاف ڪاميابي حاصل ڪندي آهي ته تمام گهڻي پذرائي ملندي آهي پر ان باوجود گڏيل طور تي ان ڪاميابي جو گرين شرٽس کي خاص فائدو ناهي ٿيندو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پي سي بي اي ٽيم تيار ڪري جنهن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي قومي اسڪواڊ جو حصو بڻايو وڃي، مثال طور عالمي ميچن دوران ڪو رانديگرن زخمي ٿي پئي ته رانديگر جي اها کوٽ اي ٽيم مان پوري ڪئي وڃي. عبدالقادر وڌيڪ چيو ته  پي سي بي کي گهرجي ته هو ٽيلنٽ هنٽ پروگرام جي به شروعات ڪري جنهن ۾ سڄي ملڪ مان باصلاحيت رانديگرن جي ڳولا ڪري انهن جي  ماهر ڪوچن جي نگراني ۾ ڪوچنگ ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے