21 بدھ , نومبر 2018

شاهين شاهه آفريدي موقعي جو ڀرپور فائدو ورتو: عبدالرزاق

Shahin Shah Afridi took full advantage of the occasion: Abdul Razzaqڪراچي(ويب ڊيسڪ) شاهين شاهه آفريدي ڪينگرو جي خلاف شاندار بالنگ سان اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر عبدالرزاق جي دل پڻ کٽي ورتي. عبدالرزاق جو چوڻ هو ته نوجوان بالر موقعو ملندي ئي پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري ڇڏيو. شاهين شاهه آفريدي زمبابوي خلاف ۾ جاري ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز ۾ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ 45 رنسن تان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن پنهنجي ٻئي اسپيل جي ٻئي بال تي ئي ان فارم آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ کي آئوٽ ڪرڻ سميت 37 رنسن عوض 3 وڪيٽون ورتيون. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي عبدالرزاق شاهين شاهه آفريدي جي بالنگ جي تعريف ڪندي چيو ته هو گذريل ٽن ٽي ٽوئنٽي سريزن ۾ ٽيم سان گڏ سفر ڪري رهيو هو پر هاڻ کيس موقعو مليو جنهن هن ڀرپور فائدو ورتو، هو ڪجهه مهينا اڳ ئي 18 ورهين جو ٿيو آهي پر بالنگ کي مڃيل بالر جيان ڪري رهيو آهي اهو سندس سخت محنت جو ثبوت آهي، هو ڪافي باصلاحيت آهي ۽ ذهين هئڻ سان گڏ بيٽسمين کي پريشان ڪرڻ جا ڳڻ ڄاڻي ٿو.  عبدالرزاق چيو ته شاهين شاهه اهو ڪيو جيڪو سندس ڪپتان چاهي پيو، هن پاڪستان ٽيم جي سڀ کان وڏي خطري فنچ کي آئوٽ ڪيو ۽ ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو. اڳوڻي آل رائونڊر بيٽنگ لائن جي تعريف ڪندي چيو ته ڪينگروز سان گذريل ميچ ۾ پاڪستاني بيٽسمين بائونسرن سان ڊيل نه ڪري سگهيا پر هن ميچ ۾ وڌيڪ بهتر رند جو مظاهرو ڪيو ۽ بائونس جو مقابلو ڪيو، خاص طور تي فخر زمان جي ڪاڪردگي شاندار رهي. نوجوان رانديگرن جي ٽيم ۾ انٽري جي باري ۾ عبدالرزاق جو چوڻ هو ته سٺي ڳالهه آهي ته نوجوان پليئر ٽيم ۾ اچي رهيا آهن ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، صاحبزادا فرحان اڃان صلاحيتن جو اظهار ناهي ڪيو پر ان باجود سمجهان ٿو ته هو فائنل ۾ حارث سهيل جو سٺو متبادل ثابت ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC dispute panel dismisses PCB's case against BCCI

پاڪ-ڀارت سيريز تڪرار: آءِ سي سي ڀارت خلاف پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري آءِ سي سي ٻي طرفي سيريز کيڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے