20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ميدان تي نڪتو آهيان:علي گوهر مهر

Daharki: I want to solve the basic problems of our nation and its people: Ali gohar mahar*ڏهرڪي ميرپورماٿيلو اٻاوڙو جي تڪ اين اي 204  جي اميدوار عبدالحق عرف ميان مٺي  ۽ صوبائي تڪ جي اميدوار  علي گوهر مهر، چونڊ مهم  تيزي ڪري ڇڏي آهي .

 کينجو اٺ نمبر نرلي سميت مختلف علائقن ۾ جلسن ۽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي علي گوهر مهر چيو ته هو عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي .

 هن ٻڌايو ته سندن هٿ صاف آهن هنن ڪڏهن به عوام سان دوکو نه ڪيو آهي

 هنن الزام هنيو ته پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪرپشن سبب سنڌ واسي اذيت واري زندگي گهاري رهيا آهن .

 علي گوهر مهر چيو ته هو وچن ٿو ڪري ته چونڊن ۾ ڪاميابي بعد عوام جا مسئلا حل ڪرائيندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے