19 پیر , نومبر 2018

ڪوارٽر فائنل مرحلو: اڄ يورگائي جو  فرانس سان ۽  برازيل ۽ بيلجيئم جو مقابلو ٿيندو

Quarter Quarter Phase: Today the European Union of France and Brazil and Belgian will be heldماسڪو(اسپورٽس نيوز) روس ۾جاري فيفا فٽبال عالمي ڪپ ۾ اڄ کان ڪوارٽر فائنل مرحلي جي شروعات ٿي رهي آهي، جنهن ۾ يورگائي جي ٽيم فرانس سان ۽ برازيل جو مقابلو بيلجيئم سان ٿيندو. ڪوارٽر فائنل مرحلي جي پهرين ميچ يورگائي ۽ فرانس جي وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي شروع ٿيندي ميچ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪندي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيل 8 مقابلن جو جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ يورگائي 3 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي فرانس کان اڳتي آهي جڏهن ته ان ڊوڙ ۾ فرانس جي ٽيم هڪ ميچ کٽي سگهي جڏهن ته 4 ميچن بنا نتيجي پڄاڻي تي پهتيون. اڄ کيڏي ويندڙ ٻي ميچ عام ماڻهن جي راءِ موجب روس جي ڪاميابي جا امڪان 48 سيڪڙو آهن جڏهن ته 21 سڪيڙو جو خيال آهي ته ڪوارٽر فائنل ۾ يورگائي فرانس کي شڪست ڏيندي، 31 سيڪڙو امڪان آهي ته ميچ جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو.  ڪوارٽرل فائنل جو ٻيو ميچ برازيل ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب رات 11هين وڳي شروع ٿيندو ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ چوٽي جي مقابلي جو امڪان آهي.  گذريل 4 عالمي ڪپ مقابلن ۾ ٻئي ٽيمون چار ڀيرا آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ٽئي ڀيرا بيلجيئم شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهڙي به نمبر تي موڪليو وڃي سو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز ) ٽيل اينڊرز جي ساٿ ڇڏي وڃڻ تي بابر اعظم مايوسي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے