16 جمعہ , نومبر 2018

فرحان سعيد جي آواز ۾ پي ٽي آءِ جو  آفيشل گيت ريليز

In the voice of Farhan Saeed, the PTI's Professional song Releasesڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جو آفيشل گيت ” اب صرف عمران خان“ راڳي فرحان سعيد جي آواز ۾ ريليز ڪيو ويو. اهو گيت پي ٽي آءِ پنهنجي چونڊ مهم 2018 لاءِ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ملڪ جي حالتن کي اجاگر ڪندي تبديليءَ جي خوشخبري ٻڌائي. ان گيت ۾ مثبت تبديلي لاءِ آواز اُٿارڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ٻڌايو پيو وڃي ته بيٽ تي نشان لڳائڻ سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، بيروزگاري ختم ٿيندي ۽ بجلي، پاڻي ۽ ٻيا مسئلا حل ٿي ويندا. گيت ۾ ملڪ جي نوجوانن کي ترقي جو ظامن قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هاڻ نه ڪو بکئي پيٽ سمهندو ۽ تعليم کان محروم ٿيندو. اهو گيت 3 منٽن 48 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي جنهن کي هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ شيئر پڻ ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان فرحان سعيد کي چونڊ مهم گيت تي تعريف ڪئي ۽ چيو ته نوجوان تحريڪ انصاف جو مرڪز آهن، ان گيت جي تياري تي فرحان سعيد تي فخر آهي، جو انصاف جي تحريڪ لاءِ آهي. عمران خان خان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ تصور آهي جنهن وقت اچي ويو آهي. هوڏانهن فرحان سعيد به پنهنجي جوابي ٽوئيٽ ۾ ڪپتان جو ٿورا مڃيا، هن چيو ته توهان جيڪو ڪجهه به ڪيو پاڪستان ان تي ٿورائتو آهي، خاص طور تي جنهن طريقي سان توهان نوجوانن کي نئين پاڪستان جي اميد ڏياري، ان لاءِ توهان جا ٿورا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranveer Singh-Deepika Padukone wedding: Here's a tarot card reading of how successful their marriage will be

دپيڪا پڊڪون جي شاديءَ بابت 6 ورهيه اڳ ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارا دپيڪا جي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے