16 جمعہ , نومبر 2018

نيب جو فيصلو ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل سياستدان

درياهه خان جهتيال

سنڌ جي مختلف کاتن ۾ جڏهن ڪرپشن جا اسڪينڊل شروع ٿيا هئا ته پهريان اينٽي ڪرپشن متحرڪ ٿي هئي پر ان به اڳتي هلي ڪرپشن کي هٿي وٺرائي، پنهنجون ڪاروايون مخصوص ڪيون ۽ جيڪي ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل هئا انهن جي مٿي جو سور به جهڪو ٿيو، پر وري مشرف جي ٺاهيل اداري نيب ان ڪم ۾ تيزي ڪئي، نيب پاران سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياستدانن، ٺيڪيدارن، آفيسرن، اڳوڻن وزيرن خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ انهن جي خلاف باقائدي جاچ ٿي، ڪجهه گرفتار ٿيا جيل جي هوا کائي آيا ته ڪجهه وري ”اڌ-اڌ“ ذريعي آجا ٿيا، نيب جي ڪرپٽ ماڻهن خلاف جاچ هلندي رهي، ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل نيب جي ڄار ۾ ڦاسندا رهيا، ڪجهه ڪرپٽ ماڻهو وڏا، وڏا وڪيل ڪري ڪورٽن ذريعي وقتي طور آجا ٿيا پر نيب پنهنجو ڪم جاري رکيو، اربين روپيا ڳڙڪائيندڙ ڪامورن، سياستدانن، نون، پراڻن وزيرن، ملڪ کان ٻاهر ويل اڳوڻن وزيرن خلاف جاچ جاري رهي، پر اوچتو الاءِ ڇا ٿيو جو نيب سڀ ڪجهه ٺپ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نيب اهڙي خاموشي جي ڳالهه ڪئي آهي ڄڻ ته ڪنهن ڪرپشن ڪئي ئي نه هجي، ڇو جو نيب جنهن ريت پنهنجي ڪاروائي تيزي سان ڪري رهي هئي ان کي اهڙا بهتر رزلٽ پڻ ملي رهيا هئا، ڪرپٽ ماڻهو پاڻ بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا، ان لاءِ ته بس رڳو گرفتاري نه ٿئي، جيڪڏهن گرفتاري ٿئي ٿي ته هڙ ويندي، نيب جنهن خلاف ريفرنس داخل ڪيو پئي انهن ۾ ٿرٿلو پوندو ويو، پر نيب جي اوچتو ٿڌائي سڀني جي پريشاني ئي ختم ڪري ڇڏي آهي، ان ٿڌائي جي ڪري عام ماڻهو يعني جيڪو ماڻهو ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتاريءَ تي، يا ان خلاف نيب ريفرنس، جاچ تي خوش هئو ته هاڻي احتساب ٿيندو، اهو ماڻهو مايوس ٿي ويو.

تازو نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪنهن به سياستدان کي 25 جولاءِ 2018ع تائين گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو هڪ اهڙو فيصلو آهي جنهن ڪرپٽ ماڻهن کي آساني سان ڪرپشن جا پئسا لڪائڻ يا خرچ ڪرڻ جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي، ٻه ڏينهن اڳ نيب هيڊڪوارٽر ۾ نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ کي 25 جولاءِ تائين گرفتار نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ لينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني جي اڳوڻي ڊي جي احمد چيما، شاهد عالم فريدي، ميسرز لاور ڪاسا ڊولپمينٽ جي مالڪن ۽ انتظاميا، پنجاب اسپورٽس بورڊ ۽ يوٿ فيسٽيول جي انتظاميا سان گڏ لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ سنڌ جي ڪجهه ڪرپشن جي الزام هيٺ آيلن خلاف جاچ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جو اڳوڻي آءِ جي پوليس غلام حيدر جمالي، اسٽيٽ بئنڪ اسٽاف ڪوآپريٽنگ هائوسنگ سوسائٽي انتظاميا، محڪمه مال ڪراچي جي آفيسرن ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري، سنڌ سوشل رليف فنڊ جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف انڪوائري، ايڊز ڪنٽرول پروگرام سنڌ جي مينيجر خلاف انڪوائري ۽ سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي.

نيب پنجاب ۾ ته ڪاروايون روڪيون پر سنڌ ۾ به ڪاروايون روڪي ڪرپٽ سياستدانن جا رستا صاف ڪري ڇڏيا آهن، نيب جو هڪ ته فيصلو اهو ٿيو ته 25 جولاءِ تائين ڪا گرفتاري نه ڪنداسين، ٻيو وري انهن کي گرفتار نه ڪيو ويندو جن ڪرپشن ڪري ٻيهر اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي، مطلب ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ٺيڪيدار، ملازم، آفيسر ته گرفتار نه ٿيندا پر سياستدان به گرفتاري کان وقتي طور آجا ٿي وي.

سنڌ حڪومت جا ڪجهه اڳوڻا وزير، ايم پي ايز ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل آهن اهي سڀ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پهريان انهن جي خلاف چونڊ وڙهندڙ کي اها پڪ هئي ته منهنجو مخالف اميدوار ڪرپٽ آهي، عوام کين ووٽ نه ڏيندو، پر نيب جي گرفتاري نه ڪرڻ واري فيصلي اُن ڪرپٽ اميدوار کي ساهي ڏئي ڇڏي ته چونڊن تائين کيس گرفتار نه ڪيو ويندو.

اسان جڏهن به ڪنهن جي به خلاف ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي آهي ته هن ئي اخبار وسيلي نيب کي اپيل ڪئي آهي ته ڪرپشن ڪندڙن جي جاچ ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، پر ان ئي نيب اداري چونڊن ۾ حصو وٺندڙن کي 20 ڏينهن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پنهنجو مطالبو هاڻي سپريم ڪورٽ کان آهي ته ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياستدانن خلاف جاچ جاري رکي وڃي ۽ انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن قوم جو لٽيل پئسو واپس اچي سگهي ۽ ايندڙ وقت ۾ کين ڪرپشن ڪرڻ جو رستو بند ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے