21 بدھ , نومبر 2018

قومپرست ۽ ترقي پسند ڌرين جو چونڊ اتحاد

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ وفاقي ۽ صوبائي خودمختياري واري قومي سياست جي جاندار رخ جي نروار ٿيڻ بعد هاڻي  مختلف  قوم پرست جماعتن لاء پڻ وفاقي ۽ پارلياماني جمهوري سياست ۾ سرگرم ڪردار ڪرڻ جا موقعا وڌيا آهن. خاص طور تي صوبائي خودمختياري واري سياست  ملڪ جي 1973ع واري آئين جي 18هين ترميم تحت جائز ، آئيني ۽ قانوني سياست ٿي ويئي آهي. هن کان اڳ انهيءَ مطالبي کي مضبوط مرڪز  جي حامين طرفان حرام ۽ ان جائز حق کي ملڪ ٽوڙڻ يا عليحدگي واري ڳالهه قرار ڏنو ويندو هو.

دنيا جي بدلجندڙ صورتحال ۽ ملڪ جي  سياسي صورتحال ۾سنڌ کي درپيش للڪارن واري هنگامي صورتحال ۾ ترقي پسند فڪر ۽ سنجيدهه قوم پرست ۽ ترقي پسند شخصيتن طرفان، وڏو عرصو غور ۽ فڪر بعد سنڌ جي قومي حقن ۽ خوشحالي لاء  پارلياماني سياست ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ لاء اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ساڃهه وندن طرفان پڻ  ملڪ ۾ جمهوري سياست ۽ وفاقي پارلياماني نظام واري سياست کي ئي ملڪ ، وفاق ۽ صوبن ۾ وهنوار ۽ سياسي ۽ سماجي لاڳاپن لاء بهتر سمجهيو ويو،  سرهائي واري ڳالهه آهي ته ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ ٻين اهم جماعتن ۽ شخصيتن طرفان پڻ بردباري وارا فيصلا ۽ قدم سامهون آيا آهن.

يقينن،  سنڌو ماٿريءَ جي هزارين ورهين واري تاريخ وارو اسانجو ملڪ ۽ ان جو قديم قومن تي مشتمل ڪروڙين عوام، هر قسم جي حالتن جي باوجود  جمهوريت ۽ پارلياماني  جمهوريت  واري سياست تي متفق آهي. ۾ پڻ دنيا جي هن زرخيز ۽ سڌريل خطي وارين قديم قومن ۽ انهن جي نسلن ۾ سماجي ڀلائي، ڀائپي ۽ برادرين وارو دوستاڻو سڀاءُ ۽ رشتا ناتا هزارين ورهين کان قائم آهن. شايد اهوئي سبب آهي جو ملڪ جي سمورين اصلوڪين قومن ۾پارلياماني جمهوريت واري سياست پڻ جلد ئي مقبول ۽ ڪامياب ٿي ويئي آهي.

هڪ پاسي،  سنڌ ۾ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتن ۽ قدآور قومي شخصيتن جو پارلياماني سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان پڻ سنڌ جي سياست ۾وڏي اٿل پٿل وارا خوشگوار واقعا نروار ٿي رهيا آهن. سنڌ جي تاريخي شخصيتن  سر شاهنواز ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد جي ساٿ سان  1930 ۾ قائم ڪيل سنڌ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان شروع ڪيل سنڌ جي حقن واري جدوجهد لڳ ڀڳ هڪ صدي جو عرصو گذرڻ بعد پنهنجي جدوجهد جا مختلف مرحلا مڪمل ڪندي سندن نسلن ذريعي وري يڪجا ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

ٻئي پاسي،    تازو، سنڌ جي هڪ اهم شخصيت سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد علي رضا شاهه بلاول هائوس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪرڻ بعد پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي قوم پرست سياست جي هڪ ٻئي قدآور قومي شخصيت ڊاڪٽر دودي مهيري طرفان پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . چيرمين بلاول ڀٽو جي 2018ع واري چونڊ مهم جي پهرين ريلي جي ڪراچي کان بدين پهچڻ تي ڊاڪٽر دودي مهيري طرفان بلاول ڀٽو سان  گل محمد جکراڻي جي ساٿ سان  ملاقات ۾ڪئي ۽ جمهوري تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.  ان کان اڳ 2007ع ۾ محترما بينظير ڀٽو جي وطن واپسي بعد لاڙڪاڻي ۾تاريخي چونڊ جلسي ۾ سنڌ جي قوم پرست سياست جي قدآور شخصيت، سائين جي ايم سيد جي بااعتماد ساٿي ۽ دانشور گل محمد جکراڻي طرفان پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو  اعلان ڪيو ويو هو.  ان بعد 2008ع ۾ ملڪ ۾عام چونڊون ٿيون جنهن ۾پيپلز پارٽي طرفان گل محمد جکراڻي کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني ويئي جنهن تي ڪامياب ٿي  هو ملڪ جي سڀ کي وڏي ايوان  قومي اسيمبلي ۾پهتو ۽ پنهنجي روشن خيال فڪر تحت پنجن سالن تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو.

سرهائي واري ڳالهه آهي ته، ملڪ جي وفاق ۽ صوبن کي پارليامينٽ ذريعي مضبوط ڪرڻ واري جدوجهد سان سنڌ ۾ پارلياماني سياست واري چٽا ڀيٽي ۾ پڻ وڏي پيماني تي اضافو ٿي ويو آهي. جنهن تحت گذريل  50 سالن ۾ وفاقي جماعتن جي وڌندڙ مقبوليت تمام وڏيون اميدون پيدا ڪيون آهن. خاص طور تي ملڪ ۾ ٿيل گذريل ڪيترين ئي چونڊن ۾ عوام جي وڏي اڪثريت جمهوري سرشتي جي حامي ۽ محافظ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي، جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ  ايم آر ڊي ۽ وڪيلن جي جڳ مشهور تحريڪن جي حامي ۽ وفاقي جمهوريت پسند جماعتن  جي حامي آهي. جنهن سان سنڌ جي حق تلفي ٿيڻ يا ڏاڍائي ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي.ڪيترائي ڀيرا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبن ۽ وفاق ۾ حڪومتون پڻ قائم ٿيون آهن، جنهن سان سنڌ سميت ٻين صوبن کي پارلياماني جمهوري نظام ۾سگهاري آئين جي جوڙجڪ ۽ قانون سازي ۽ صوبن جي حقن جي حاصلات ۾ پڻ سرسي حاصل ٿيندي رهي آهي.

سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ملڪ ۾ٿيندڙعام چونڊ اتحادن جي حوالي سان ترقي پسند ۽ قومپرست ڌرين جي چونڊ حڪمت عملي تي فڪرمندي واضح ٿي رهي آهي. خاص طور تي گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف اتحاد قائم ڪرڻ جو  ڪيل فيصلو ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير صدرالدين شاهه راشدي جي سربراهيءَ ۾ وفد ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايم ڪيو جي ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سان ڪيل تفصلي گڏجاڻي ۽ اتحاد ٺهڻ سان جمهوري ۽ قوم پرست حلقن ۾ نوان شڪ ۽ اعتراض ڪر کڻڻ لڳا آهن. انهي کان علاوهه، تازو اسلام آباد ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه  پير پاڳاري، مسلم ليگ (ق) جي سربراهه  چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي ۽ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو پڻ اعلان ڪري چڪا آهن. ان سموري عمل تي وڌيڪ اعتراض اٿي کڙا ٿيا آهن ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيل تازي ڳڻتي واري سياسي صورتحال موجب  ته معلوم ٿيڻ گهرجي ته آخرڪار، اسين سنڌ سميت پوري ملڪ کي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي وچن: سنڌڙيءَ جا سڀ ٻار پڙهن

سدا حيات جلباڻي ننڍڙا ٻار اکين جو ٺار ۽ هيئين جو هار ٿين ٿا. ٻارڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے