11 منگل , دسمبر 2018

اڄ احتساب عدالت جو فيصلو ٿيندو يا نواز شريف جي درخواست جي ٻڌڻي؟

دوست  حفيظ چنا

نواز شريف جي نيب ڪيسن جي حاضرين جو وقت پورو ٿيڻ جي ويجهو پهتو آهي، ان کانپوءِ به سندس عدالتي ياترائون جاري رهنديون يا هو وڏي ياترا تي جيل ويندو اڄ نيب ڪيس جي سلسلي ۾ احتساب عدالت پنهنجو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پر ان کان اڳ نواز شريف فيصلي کي دير ڪرڻ لاءِ هڪ هفتو جي مهلت ورتي آهي، انهي پٺيان ڪهڙو راز هوندو اها جلد خبر پئجي ويندي، پر فيصلو جيڪو اچڻو آهي ان جو اندازو شريف خاندان سميت سموري ملڪ کي آهي ته فيصلو نواز شريف خلاف ئي اچڻو آهي، سموري قوم کي انتظار آهي ان فيصلي کي جيڪو محفوظ ڪيو ويو آهي، ڏسون ته اٺ ڪهڙي ڪروٽ ٿو ويهي، عوام کي ته ان جو اندازو ٿي چڪو آهي پر ڪالهوڪي نواز شريف جي فيصلو ٻڌائڻ واري تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جي درخواست کان پوءِ اٺ جو پاسو سڌو نظر نه پيو اچي،

فيصلو هڪ دفعو وري جمعي جي ڏينهن تي ٻڌايو پيو وڃي، هاڻي خبر ناهي ته نوازشريف، عدالت ۽ جمعي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي ؟ جمعي جي ڏينهن ايندڙ سمورا عدالتي فيصلا نواز شريف خلاف ويا آهن، موجوده فيصلي بعد نواز شريف جي فيصلي سان انهن ڳالهه جو گهٽ ۾ گهٽ اندازو ٿي ويندو ته اليڪشن ڪهڙي پاسي ويندي، فيصلو خلاف اچڻ بعد ن ليگ جي ٽڪيٽ هولڊر ميمبرن جو پڻ وڏو انگ به جيپ ۾ چڙهي ڪو ٻيو رخ ڪندو، بس انتظار آهي فيصلي جو جيپ تيار آهي انهن ميمبرن کي ڍوئڻ لاءِ.

اڄ احتساب عدالت نيب ڪيسن جو فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ نواز شريف جي فيصلو ملتوي ڪرڻ واري تاريخ جي ٻڌڻي ڪندي، نوازشريف پاران ڏنل اهڙي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نوازشريف پاران موقف ڄاڻايو ويو آهي ته هو عدالتي ٽرائل جو حصو رهيو آهي ۽ اچانڪ گهرواريءَ جي خراب طبيعت سبب 6 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي، جنهن سبب ان فيصلي جي تاريخ  کي وڌايو وڃي ، احتساب عدالت پاران اڳ ئي فيصلي ۾ ڪافي دير ٿي آهي.

28 جولاءِ 2017 تي سپريم ڪورٽ پاران نوازشريف جي نااهلي جو فيصلو ٻڌائڻ وقت سپريم ڪورٽ ٽي نيب ڪيس احتساب عدالت کي موڪليندي هدايت ڪئي هئي ته انهن جو فيصلو 6 مهينن ۾ اچڻ گهرجي پر ان جي مدت ۾ واڌ ايندي تقريبن هڪ سال ٿيڻ وارو آهي، احتساب عدالت اڳ ئي ٽي ڀيرا سپريم ڪورٽ کي درخواست ڏئي ان مدت ۾ اضافو ڪرائيندي رهي آهي، پر سپريم ڪورٽ گذريل مهيني 10 جون تي احتساب عدالت کي حڪم ڏنو هو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف هلندڙ نيب ڪيسن جو فيصلو هڪ مهيني اندر ٻڌايو وڃي. ان فيصلي بعد مسلم ليگ ن جي اليڪشن ۾ ڪهڙي پوزيشن هوندي؟ خيال آهي ته ن ليگ جيڪا اڳ ئي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي پر ان جو احتساب عدالت جي فيصلي کان پوءِ ٽڪٽ هولڊر به ڀڄڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهندا، ان بعد اڃان به ڪي بيٺا رهيا ته پوءِ انهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو.

بهرحال ڏسون ته ن ليگ مان ڪيترا ميمبر جيل ٿا وڃن ۽ ڪيترا جيپ تي چڙهي ٿا وڃن ۽ موجوده صورتحال ۾ شهباز شريف جي ڪهڙي پوزيشن هوندي، ڪٿي ائين ته نه ٿيندو ته هو پاڻ بچائڻ لاءِ جيپ تي روانو ٿي وڃي، ڇو ته جان بچائڻ سنت آهي، وارو فارمولو اختيار ڪندي هو اهڙو فيصلو ڪري سگهي ٿو.

بهرحال لڳي ٿو ته نوازشريف فيصلي جي مدت وڌرائي ڪا اهم حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي ۽ شايد اهڙي حڪمتي عملي جوڙڻ لاءِ کيس وقت گهربل آهي ۽ هن وقت تائين هو پنهنجي موقف تي به ڏسجي ته ڪيستائين قائم رهي ٿو ۽ سڀاڻي وارو عدالتي فيصلو ملڪي سياست ۽ موجوده اليڪشن تي ڪيترو اثر انداز ٿئي ٿو يا اهو فيصلو وڌيڪ دير جو شڪار ٿي وڌيڪ خدشن کي جنم ڏئي ٿو، پر ملڪ جو عوام سموري ماجرا کي سمجهي چڪو آهي ۽ ان سمجهڻ ۾ سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے