15 جمعرات , نومبر 2018

ميڪسيڪو ۾ آتشبازي جو سامان ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 24 ڄڻا اجل جو شڪار  

Explosion due to the fact that 24-year-old hunting in a mechanical fireworks factoryميڪسيڪو سٽي(ويب ڊيسڪ) اتر آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو سٽي ۾ آتشبازي جو سامان ٺاهيندڙ دڪان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا فوت جڏهن ته 49 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو جي علائقي تلتيپيڪ ۾ آتشبازي جو سامان ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪو ٿيو، پهرين ڌماڪي تي ئي مقامي ماڻهو ۽ امدادي ڪارڪنن واقعي واري هنڌ پهتا. ان دوران اتي موجود آتشبازي جو سامان ۽ باوردي مواد ڦاٽڻ شروع ٿي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو هڪ ٻئي پٺيان ڌماڪي جو شڪار ٿي ويا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا فوت جڏهن 49 زخمي ٿي پيا. فوت ٿيندڙن ۾ 2 پوليس اهڪار جڏهن 4 فائر فائٽرز پڻ شامل آهن. ميڪسڪن حڪومت موجب 17 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن 7 ڄڻا اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ دورن فوت ٿيا. امداد ڪمن ۾ تقريبن 300 جي لڳ ڀڳ پوليس اهلڪارن ۽ هيلي ڪاپٽر حصو وٺي رهيا آهن. ميڪسيڪو جي شهري بچاءُ واري کاتي جو چوڻ آهي ته آتشبازي جو سامان ٺاهيندڙ دڪان غيرقانوني طور تي ٺاهيو ويو هو جڏهن ڌماڪا بارودي مواد جي هوا ۾ پکڙجڻ سبب پيش آيو، ڌماڪي سبب علائقي ۾ 4 عمارتون پڻ تباهه ٿي ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے