19 پیر , نومبر 2018

انيل ڪپور، ايشوريا راءِ ۽ راج ڪمار رائو جي فلم فني خان جو ٽريلر جاري

Anil Kapoor, Asheriya Rai and Raj Kumar Rao's movie fan Khan releasedممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار انيل ڪپور، اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ ۽ راج ڪمار رائو جي فلم” فني خان“ جو پهريون ٽريلر ريليز ڪيو ويو ، جنهن جي ڪهاڻي انتهائي دلچسپ نظر اچي رهي آهي.  انيل ڪپور فلم جي ٽريلر کي پنهنجي ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي، ان ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته هڪ پي راز ۽ ٻيو فني خان جو انداز، ڇا ٿيندا ان جا خواب پورا؟ 2منٽن 41 سيڪنڊن تي ٻڌل ان ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته انيل ڪپور راڳي ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ٽيڪسي هلائيندو آهي، هو پنهنجي ڌيءَ جو نالو لتا رکندو آهي، جنهن جي خواهش آهي ته هو ڳائڻي ٿئي، پر پنهنجي ٿلهه سبب کائنس ماڻهن جي تنقيد ۽ چرچن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.ڌيءَ کي ڳائڻي بڻائڻ جي جدوجهد ۾ انيل ڪپور ڪامياب پاپ اسٽار (ايشوريا راءِ) کي پنهنجي دوست(راج ڪمار رائو) سان گڏجي اغوا ڪندو آهي. پر بعد ۾ ايشوريا راءِ ۽ راج ڪمار رائو هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳندا آهن. هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو ڇا انيل ڪپور پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل  ڪري سگهندو، اهو ڄاڻڻ لاءِ فلم جي ريليز ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے