18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه: ملاح برادري جو   هٿياربندن جي  تشدد ۽ ناري کي اغوا ڪرڻ خلاف احتجاج

Bhit Shah: Protest by Mallah Community against armed man for kidnapping girl*ڀٽ شاهه ۾  ملاح برادري هٿياربندن طرفان گهر ۾ گهري تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

هنر مند ڪالوني جي رهواسي  مختيار، حاجن ۽ ڦاپل ملاح  هٿياربندن ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي ميڊيا آڏو داهيندي هنن چيو تھ ڪجهه ڏينهن اڳ مختيار ملاح بينظير چانگ سان پيار پرڻو ڪيو ۽ تحفظ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.

 هنن چيو تھ  13 جولاءِ تي ايس ايس پي مٽياري ايس ايڇ او ڀٽ شاهه ۽ بينظير جي مائٽن کي ڪورٽ سڳوري طلب ڪيو.

 سندن چوڻ هو تھ هٿياربند رات دير سان هٿيارن سان داخل ٿي کين تشدد جو نشانو بڻائي بينظير کي اغواڪري گهر مان سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.

 هنن چيو تھ پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 سندن چوڻ هو تھ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ وڏي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي هاڻي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽس وٺي بينظير کي آزاد ڪرائي کين  انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڏيجي: ڳوٺ نور خان بوزدار جي رهواسي جوڙي خيرپور جي عدالت پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

*ڪنب ويجهو  ڳوٺ نور خان بوزدار جي رهواسي جوڙي خيرپور جي عدالت پسند جو   پرڻو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے