18 اتوار , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي تي عمل شروع، ڪيپٽن صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.  نگران وفاقي سرڪار احتساب عدالت جي ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن بعد هو پرڏيهه نه وڃي سگهندو.  نيب احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ ڪيپٽن صفدر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط پڻ لکيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس  ۾ ڏوهي قرار ڏيڻ بعد شريف خاندان جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز، نواز شريف ۽ صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن. نيب جو چوڻ آهي ته  ڪيپٽن صفدر ڪنهن به وقت ملڪ مان ڀڄي سگهي ٿو، تنهن ڪري سندس نالو فوري طور اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے