16 اتوار , دسمبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو/نواز شريف وري ڏچي ۾!!

وزير علي جمالي

نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي پرسنل سيڪريٽري ۽ سرڪاري رازن جي امين فواد حسن فواد جي اقبال آشيانه اسڪيم ، لينڊ مافيا جي سرپرستي توڙي ٻين کوڙ سارن الزامن تحت 5 جولاءِ تي گرفتاري شهباز لاءِ پيغام آهي، فواد حسن فواد نواز ۽  شهباز جو سڄو هٿ سمجهيو وڃي ٿو، لاهور سميت پنجاب ۾ ترقياتي ڪم ۽ وڏن منصوبن ۾ گهوٻيون ۽ ڪرپشن جي معاملن ۾ فواد حسن فواد اهم مُهرو رهيو آهي جنهن جي گرفتاري دراصل شهباز شريف کي اهم نياپو آهي.

ان کان اڳ ۾ احد چيمه کي وڪڙ ۾ آڻڻ توڙي پنجاب جي بيورو ڪريسي کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو جيڪا گذريل ڏهن سالن کان لاڳيتو نواز ليگ جي الڪيشن ڪمپين ۽ مخالفن کي حراسان ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف نيب عدالت ۾ 3 ريفرنس دائر ڪيا ويا هئا جن مان لندن ۾ ايون فيلڊ جي نالي سان موجود اپارٽمينٽس جو ڪيس  جيڪو 8سيپٽمبر 2017ع کان نيب جي احتساب عدالت اسلام آباد ۾  نواز شريف، مريم نواز، حسن، حسين نواز ۽ ڪيپٽن صفدر عباسي خلاف شروع ٿيندڙ  مقدمي ۾ نواز شريف 75 ڀيرا، مريم نواز 80 ڀيرا ۽ ڪيپٽن صفدر 92 ڀيرا پيش ٿيا جڏهن ته حسن ۽ حسين نواز شروع ۾ هڪ ٻه ڀيرا پيش ٿيڻ بعد واپس لنڊن هليا ويا ۽ عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيا جنهن تي کين اشتهاري قرار ڏنو ويو.

هن ڪيس ۾ ٽوٽل 18 جي ٽي آءِ جي سرواڻ واجد ضياءَ سميت 18 شاهد پيش ٿيا. نواز شريف ۽ مريم نواز پنهنجي حق ۾ قطري خط کان سواءِ ڪوبه شاهد ۽ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا البته هنن جو مسلسل اهو اصرار هو ۽ آهي ته سندن هٿ ڪرپشن کان پاڪ آهن ۽ جيڪڏهن هنن ڪنهن به قسم جي ڪا ڪرپشن ڪئي آهي ته اها ثابت ڪرڻ نيب ۽ استغاثه جو ڪم آهي. هن ڪيس ۾ ملڪ جي ناميارن قانوندانن جي شروع کان اها راءِ ايندي رهي ته نواز شريف فيملي سزا کان ڪونه بچي سگهندي. باوجود ان جي نواز شريف سپريم ڪورٽ کان  پاناما ڪيس ۾ نااهلي ۽ پارٽي قيادت کان هميشه لاءِ نااهل ٿيڻ کان پوءِ جيڪو جارحاڻو طريقو اختيار ڪيو ۽ جي ٽي روڊ کان قافلي جي صورت ۾ لاهور پهتو هو ۽ پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ وڏا وڏا جلسا ڪيا هئا ۽ “ ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو هنيو هو ان کانپوءِ نواز ليگ ۽ پنجاب ۾ اها راءِ جڙي ته هاڻي نواز شريف جو پنجاب ۾ رستو روڪڻ تمام ڏکيو آهي، نواز شريف همدردي ۽ ڪاوڙ جو ووٽ حاصل ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب مان ڀاري مينڊيٽ حاصل ڪري وٺندو، نواز شريف پاڻ به ان صورتحال کي سامهون رکندي بار بار اها ڳالهه ورجائي ته مون کي ايترا ووٽ ڏيو جو آئون پنهنجي نااهلي کي ختم ۽ نيب، عدليه توڙي فوجي اسٽيبلشمينٽ کي حدن اندر رکي سگهان جئين هوءَ ڪنهن به عوامي چونڊيل وزيراعظم خلاف اهو ڪجهه نه ڪري سگهن جيڪو گذريل 70 سالن کان ملڪ اندر ٿي رهيو آهي.

هن پنهنجي ارادن ۽ منصوبن کي ڳجهو رکڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ڪونه ڪئي، ڊان ليڪس هجي يا وري بمبئي حملن جي حوالي سان سرل المائيڊا کي ڏنل سندن انٽرويو هن کلي ڪري فوج ۽ سگهارن ادارن جي پاليسين تي تنقيد ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس عالمي اسٽيبلشمنيٽ جي حمايت حاصل ٿي ۽ سند پٺي ٺپي پئي وڃي. نواز شريف قومي اسيمبلي جي فلور تي تقرير ۾ جڏهن ته مريم نواز، حسن ۽ حسن نواز ڪيترائي ڀيرا لنڊن فليٽس کي پنهنجي ملڪيت مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ميڊيا ۾ هميشه ايون فيلڊ اپارٽمنٽس ڪيس کي سندن خلاف انتقامي ڪاروائي ۽ سازش قرار ڏنو آهي.

6 جولاءِ  هڪ ٻيو جمعو جنهن ڏينهن تي شريف فيملي لاءِ هڪ ٻيو مشڪل فيصلو  ٻڌايو آيو آهي ، هيءَ  فيصلو جيڪو پهرين ساڍي ٻارهين وڳي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ان جي ٽائم ۾ پنج  ڀيرا تبديلي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ طرحين طرحين جون افواهون سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زينت بڻيون ۽ عوام کي ذهني طرح سان ٽارچر ڪيو ويو.الله الله ڪري آخرڪار شام جو ساڍي چئين وڳي فيصلو ٻڌايو ويو.  فيصلي کان اڳ ميڊيا جي نمائندن کي عدالتي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو ويو، فقط وڪيلن کي عدالتي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي جنهن تي پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڇتي تنقيد ڪئي وئي. 20 ڪروڙ عوام کي 6 ڪلاڪن تائين سسپنس ۾ مبتلا رکڻ جو ڪوبه سبب ڪونه هو جنهن سان هن فيصلي کي متاثر ڌُر جي تحفظات سميت عوام ۾ پڻ تڪراري بڻايو ويو آهي. هن فيصلي ۾ متاثر ڌر  شريف خاندان پاران بيگم ڪلثوم نواز جي بيماري جو جواز ڄاڻائي سندن خلاف  فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ناقابل قبول قرار ڏنو ويو جنهن ۾ نواز شريف اها درخواست ڪئي هئي ته هوءَ فيصلو ڪورٽ ۾ پيش ٿي ٻڌڻ چاهي ٿو جنهن جي کيس مهلت ڏني وڃي.

مختصر فيصلو جيڪو احتساب عدالت نمبر 1 جي آنريبل جج محمد بشير پڙهي ٻڌايو.  “  فيصلي ۾ نواز ليگ جي  تاحيات قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي 10 سال قيد، 8 ملين پائونڊ جرماڻو، سندس ملڪيت ضبط، مريم نواز کي 7 سال قيد  ٻه ملين  پائونڊجرماڻو يعني 170 ڪروڙ پاڪستاني  ۽ ڪيپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن ته لندن ايون فيلڊ فليٽ جنهن جي قيمت 4 ارب روپيا پاڪستاني ٻڌائي پئي وڃي ان کي به حڪومت پاڪستان کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. يقيني طرح سان هڪ  انوکو ۽ تاريخي فيصلو آهي جنهن ۾ نهايت سخت سزا ٻڌائي وئي  آهي جيڪا اڳ ۾ ڪنهن به ڪرپشن جي ڪيس ۾ ناهي ٻڌائي وئي.

فيصلي کان ڪجهه گهڙيون اڳ مريم نواز ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئين ڳالهه ناهي، نااهلي، جلاوطني ۽ جيل اسان جي خاندان لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي، نواز شريف عوام ۽ ملڪ لاءِ ڄمي بيٺل آهي ۽ جڏهن مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ ڊڄڻ ڪهڙو؟ هن فيصلي جي 11 هزار وولٽ واري جهٽڪي کان نواز شريف ۽ نواز ليگ ڪيئن ٻاهر نڪري سگهندي اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهندو پر لڳي ائين ٿو ته في الحال نواز شريف ۽ مريم نواز جو سياسي ڪيئريئر مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي، فيصلي کان اڳ ڏکڻ پنجاب  ۾ نواز ليگ کان رستا الڳ ڪرڻ ، زعيم قادري، چوڌري نثار جهڙن ماڻهن جو نواز ليگ کان رستا الڳ ڪرڻ کان پوءِ هن فيصلي کان پوءِ پوري پنجاب مان وڏي پيماني تي هوا جو رُخ ڏسي سياستدان نوازليگ کي الوداع چوندا جنهن جو چونڊن ۾ پارٽي کي شديد نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي.

هن فيصلي کان پوءِ جيڪڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز فوري طور تي وطن واپس نٿا اچن ۽ ڪو مفاهمتي رستو اختيار ڪرڻ يا ڪجهه رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سندن پارٽي ۽ نواز ليگ جو ووٽر سخت مايوس ٿيندو ۽ ان جا انتهائي ناڪاري اثر پوڻ ۽ پنجاب ۾ سندن سخت حريف پاڪستان تحريڪ انصاف کي برتري ملڻ جو  امڪان موجود آهي. پر جيڪڏهن نواز شريف فوري طور تي وطن واپسي ۽ پنهنجي گرفتاري پيش ڪرڻ جو  فيصلو ڪري ٿو ته بعد ۾ شايد سندس مهانگا  وڪيل کيس عدالتن کان ضمانت ڏياري وڃن ٿا ۽ نواز شريف ۽ مريم نواز ٻئي پنجاب ۾ پنهنجي چونڊ مُهم ساڳي طرح سان جارحاڻي انداز ۾ هلائن ته ان سان نه رڳو سندن سياست هميشه لاءِ زنده رهندي پر نواز ليگ همدردي، ڪاوڙ ۽ نواز خاندان سان بي انصافي واري بيانيي جي بنيادن تي پنجاب ۾ اڪثريت حاصل ڪري سگهي ٿي.

سگهارين قوتن جي مداخلت، پنهنجن جي بي وفائين جي ڪري جيڪڏهن نواز ليگ 25 جولاءِ جي چونڊن ۾ شڪست کائي ٿي تڏهن به نواز شريف ۽ مريم نواز جي قد ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو ۽ ملڪي حالتن ۾ ڪنهن ڊرامائي تبديلي جي صورت ۾ سندن اقتدار جو سج ٻيهر اڀري سگهي ٿو. ڇو ته ڏکڻ ايشيا جي سياست ۾ هميشه ڏک، تڪليف ۽ همدردي جي ووٽ کي اهميت حاصل رهي آهي، جيڪو سياستدان مشڪل وقت ۾ مزاحمتي رُخ اختيار ڪندو آهي ان کي عوام صدين تائين ياد رکندي آهي جنهن جو مثال ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست آهي، ڀٽوز جي شهادتن کان پوءِ اڄ تائين ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ سندن قبرن جو سحر اڄ به عوام جي دلين تي موجود آهي.

جيڪڏهن تازي فيصلي کان پوءِ نواز شريف جدي يا لنڊن ۾ پناهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سندن سياسي موت هوندو، ڇو ته نواز ليگ جي لوڪل ليڊرشپ اڳئي ڪشمڪش ۽ ٻڏتر جو شڪار آهي، نه فقط اهو پر پنجاب جي وڏن شهرن ۾  نواز ليگ جو ووٽر جيڪو موجوده حالتن کي گهري نظر سان ڏسي رهيو آهي اهو به مايوس ٿي ويندو، انڪري نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ مزاحمتي سياست ۽ پنهنجي بيانيي تي ڄمي بيهڻ ۽ ان ۾ ويتر شدت آڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. شهباز شريف جي مفاهمتي انداز واري سياست کي هن وقت تائين ڪا مقبوليت ناهي ملي سگهي، جنهن جو ثبوت ڪراچي ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ سندس ڪجهه جلسن ۽ دورن ۾ کيس مناسب پذيرائي نه ملڻ آهي.

جهڙي طرح سان آصف علي زرداري گذريل پنج سال مفاهمتي سياست  ۽ نواز حڪومت خلاف فرينڊلي اپوزيشن جي نتيجي ۾ پنجاب مان پيپلزپارٽي جي ڪفن دفن جو مڪمل انتظام ڪيو آهي جيڪڏهن شهباز شريف نواز شريف جي رستي کي ڇڏي مفاهمتي رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنجاب ۾ نواز ليگ کي وڏو ڌڪ رسي سگهي ٿو.  شهباز شريف کي ترقياتي ڪارڪردگي سان گڏو گڏ جارحاڻي سياست ڪرڻي پوندي ۽ وڏي ڀاءُ واري لائين اختيار ڪرڻي پوندي ڇوته پنجاب جي اقتدار  تي ٻيهر فائز ٿيڻ لاءِ وٽس ان  کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه بچيو آهي. ساسي ڦڙتي، چابڪدستي ۽ مائيڪ ڪيرائڻ واري شهباز شريف کي ترقياتي ڪمن سان گڏ مزاحمت وارو رستو به اختيار ڪرڻو پوندو . هن فيصلي کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ به ملڪ استحڪام بدران انتشار جو شڪار رهندو ۽ افراتفري جو ماحول جاري رهندو، جيڪڏهن ملڪ کي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻو آهي ته پوءِ عدليه، فوج ۽ سياستدانن کي گڏجي قومي ڊائلاگ ڪرڻو پوندو ان کان سواءِ ملڪي مسئلن جو ٻيو ڪوبه حل ناهي، سياستدانن ۾ هزار خرابيون هئڻ باوجود هو بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي صورت ۾ عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجي قسمت جو فيصلو ٻڌن ٿا پر عوام کي مُڪ ڏيکارڻ وارو ڊڪٽيٽر بيماري جو بهانو بڻائي ٻاهرين ملڪ فراريت اختيار ڪري ٿو ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو اهڙو سلسلو هاڻي  گهڻي دير هلڻ ممڪن ڪونهي.

پاناما ڪيس کان اڳ نيب پاران سنڌ ۾ شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين پيپلزپارٽي اڳواڻن خلاف جيڪا وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي هئي ان وقت پيپلزپارٽي واويلا ڪري رهي هئي ته نيب جون ڪاروايون رڳو سنڌ ۾ ڇو پيون ٿين ۽ اهڙين ڪارواين پويان اصل ۾ نواز ليگ جو هٿ آهي، هن وقت جڏهن نواز خاندان ۽ پنجاب بيوروڪريسي خلاف نيب ڪاروايون جاري آهن ته پيپلزپارٽي جي قيادت اهڙين ڪارواين کي جائز قرار ڏئي رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ اندر پهريون ڀيرو حڪمرانن ۽ اقتدار سان لاڳاپيل شخصيتن خلاف جيڪو احتسابي عمل شروع ٿيو آهي اهو فقط چونڊن تائين نه پر چونڊن کان پوءِ  به جاري رهڻ گهرجي ۽ ان عمل ۾ مڪمل طور تي شفافيت هجڻ لازمي آهي، بنا ڪنهن رنگ، نسل، پارٽي، مذهب جي هر ڪرپٽ شخص ۽ ڪرپٽ ٽولي خلاف اهو عمل بنا ڪنهن روڪ جي پسند ۽ نا پسند جي جاري رهڻ ۾ ئي عوام ۽ ملڪ جو ڀلو آهي، ڪٿي به ان عمل ۾ اهڙو عنصر داخل نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان ڪنهن  به پارٽي ۽ شخص کي اها شڪايت ملي ته احتسابي عمل جو فقط هو نشانو آهي ۽ کيس سياسي منظرنامي تان هٽائڻ لاءِ اهو عمل ڪيو پيو وڃي جئين نواز شريف ۽ نواز ليگ هن وقت بيان ڪري رهي آهي.

25 جولاءِ جي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪنهن به قسم جي ڪوشش ملڪ کي هڪ نئين دٻڻ ۾ ڌڪي سگهي ٿي،  جيڪڏهن  اهو تاثر عوام ۾ پختو ٿيو ته احتسابي عمل فقط هڪ خاندان ۽ هڪ پارٽي خلاف ٿي رهيو آهي ته ان سان نه فقط ملڪي ادارن مٿان عوام جو اعتماد کڄي ويندو پر ملڪ کي به نقصان پوڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا جيڪو پهرين کان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ ۽ بيشمار مسئلن ۾ ڦاٿل عوام لاءِ انتهائي هاڃيڪار هوندو.

گڏو گڏ اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته نواز ليگ ۽ نواز خاندان جي موجوده مشڪل حالتن ۽ سيناريو جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته نواز شريف هميشه عوام جي طاقتن تي ڀاڙڻ، پارليامينٽ توڙي ڪابينا تي اعتبار ۽ وڏن فيصلن ۾ مشورو ڪرڻ بدران شخصي آمريت ۽ خودپرستي کي ترجيح ڏني ۽ اهڙا فيصلا ڪيا جن جي ڪري چوڌري نثار جهڙا سندس سچا سپاهي به هن کان پنهنجون راهون الڳ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. نواز ۽ سندس خاندان خلاف آيل هن فيصلي کي جيڪڏهن قانوني ماهرن ۽ عوام تسليم ڪيو ته اهو فيصلو هڪ تاريخي فيصلو مڃيو ويندو پر جيڪڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز هن فيصلي کي تڪراري بڻائڻ ۽ پنهنجي حق ۾ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته تاريخ ان فيصلي کي رِدي جي ٽوڪري ۾ ۽ شريف خاندان کي نيلسن منڊيلا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي لائن ۾ آڻي بيهاريندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے