14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: سردارن سان مقابلو ڪندس، ڪنھن به صورت ۾ هٿ نه کڻندس:ڄام فتاح

Daharki: Will fight against feudal, I will not give up at any cost: Jam Fateh*ڏھرڪي ۾  ميرپورماٿيلو جي پي ايس 19 تي ترقي پسند پارٽي جي نامزد اميدوار ڄام عبدالفتاح سميجو جي ورڪ زورن  شورن سان جاري آهي،   تڪ جي  ترقي پسند سوچ رکندڙ عوام توڙي ھارين مزدورن ساڻس  ملاقاتون ڪري کيس حمايت جو يقين ڏياريو آھي.

 ڄام فتاح سميجو پي ايس 19 تي پيپلز پارٽي جي عبدالباري پتافي ۽ جي ڊي اي جي سردار علي علي گوھر مھر جي سامھون اميدوار آھي، جن مختلف وقتن ۾ چونڊجي اچي اسيمبلين ۾ پھچي عوام جي سار نھ لڌي آھي.

ڄاڻو ذريعن موجب  سردار نادر اڪمل لغاري ۽ سردار رحيم بخش بوزدار سميت ڀرچونڊي پير ميان مٺو، پير عبدالخالق، ميان شفيق احمد جن علي گوھر مھر جي حمايت ڪري ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏي آھي.

 ڄام فتاح انھن سڀني جي حمايت باوجود سردار علي گوھر مھر ۽ سردار باري پتافي جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن.

ڄام فتاح چيو  تھ   ھن پڪو پھھ ڪيو آھي تھ  هو سردارن سان مقابلو ڪندو، ڪنھن بھ صورت ۾ ھٿ نھ کڻندو.

هن چيو تھ پي ايس 19 جو عوام ساڻس گڏ آهي هو مخالفن کي  عبرتناڪ شڪست ڏيندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے