17 ہفتہ , نومبر 2018

عام چونڊن دوران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن: حسن عسڪري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته صوبي ۾ عام چونڊن دوران سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ مجموعي طور تي 59 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي حسن عسڪري چيو ته پنجاب ۾ 141 قومي ۽ 297 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي چونڊن لاءِ 47473 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، اهم سياسي اڳواڻن کي فول پروف سڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته چونڊ اميدوارن جي حفاظت جو به انتظام ڪيا ويندا. هن چيو ته پنجاب ۾ ضابطا اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ  قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ڀڃڪڙي تي انتظاميه کي بنا فرق ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سانوڻي جي برسات دوران امڪاني ٻوڏ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي انتظامن ۽ تيارين ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي، برسات دوران رليف ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ لاڳاپيل پاڻ کي اپ ڊيٽ رکن، ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے