14 بدھ , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ، نينگري سميت 3 ڄڻا شهيد

Governor Rule imposed after the resignation of Mohabbat Matiat in Wallar Kashmirسرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگرديءَ جو مظاهرو ڪندي نينگري سميت ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج ۽ پوليس والاريل ڪشمير جي صلعي ڪلگام ۾ ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهيو ۽ گهر گهر تلاشي شروع ڪري ڇڏي. قابض فوج جي اهلڪارن چادر ۽ چوديوار جو تقدس پائمال ڪيو ۽ توهين جوڳو رويو اختيار ڪيو. آپريشن خلاف ڪيترين ئي ڪشميري نوجوانن روڊن تي اچي احتجاجي مظاهرو ۽ نعريبازي ڪئي. ڀارتي فوج طاقت جو استعمال ڪندي هٿين خالي مظاهرين کي سختي سان  ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ٻنهي ڌرين ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. ڀارتي فوج ڪشميرين تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو شاڪر احمد، 20 ورهين جو ارشاد مجيد ۽ 16 ورهين جي عندليب شهيد ٿي ويا. سڀاڻي آچر تي والاريل ڪشمير ۾ نوجوان برهان واني جي ٻئي ورسي ملهائي ويندي. حريت ڪانفرنس هڙتال جي اپيل ڪندي برهان واني جي گهر تائين عوامي مارچ ۽ جلسي جو سڏ ڏنو آهي. ڀارتي فوج پلواما ۾ برهان واني جي اباڻي علائقي ترال ۾ ورسي جي تقريبن ۽ احتجاج کي روڪڻ لاءِ مڪمل طور ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جاري: سڀاڻي ٻئي سنڌي روايتن موجب تقريب ۾ نظر ايندا

روم(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دلڪش جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شادي جي ٻنڌڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے