19 پیر , نومبر 2018

ڏهه ڏينهن کان اڳ ئي ڏيهه موٽنداسين: مريم نواز

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عدالتي فيصلي جو وڪيل جائزو وٺي رهيا آهن ۽ اسان 10 ڏينهن کان اڳ ئي ڏيهه موٽنداسين. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عدالتي فيصلي خلاف اپيل تي صلاح مشورو ڪري رهيا آهيون ۽ وڪيل قانوني پهلوئن جو جائزو وٺن پيا. هن چيو سٺو ٿيو ته برطانيا کان مدد وٺڻ جو چيو ويو آهي، ان سان کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، ڇو ته برطانوي ادارا اڳ ئي پاڪستان کي چئي چڪا آهن ته غير قانوني ڪم ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلي خلاف ڊيو پراسس اختيار ڪيو ويندو، ڏيهه واپسي لاءِ وڪيلن جي ٻڌايل 10 ڏينهن کان اڳ ئي موٽنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي شهيد پوليس آفيسر طاهر داوڙ جي پونئيرن سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ قتل ٿيل ڪي پي پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے