18 پیر , فروری 2019

جي ڊي اي چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پنهنجو چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چائلڊ ليبر ۽ جبري مزدوري جو خاتمو به شامل آهي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي ڊي اي اڳواڻن اياز لطيف پليجي ۽ ناهيد خان چيو ته سنڌ جي 105 سيٽن تي جي ڊي اي اميدوار چونڊ وڙهي رهيا آهن، باقي تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪنداسين. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجي جو چوڻ هو اسان فيصلو ڪيو آهي ته جي ڊي اي جي سمورن اڳواڻن ۽ اميدوارن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا، اگلي باري ڦر زرداري کانپوءِ هاڻ نعرو لڳندو اگلي باري اب زرداري، بلاول هائوس جي قيمت اربين رپين جي ٻڌائي وئي، اهو ڪنهن کي نظر نٿو اچي. هن چيو ته جي ڊي اي جي منشور موجب صوبي مان چائلڊ ليبر ۽ جبري مزدوري جو خاتمو ڪنداسين، مذهب جي جبري تبديلي کي برداشت نه ڪيو ويندو، اسڪول ويندڙ ٻارڙين کي وظيفو ڏينداسين، عورتن جي جنسي استحصال جو خاتمو آندو ويندو ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي جيان حفاظتي انتظامن جو مضبوط نظام آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته ڪوڙيون دوائون ٺاهيندڙن خلاف دهشتگردي ٽوڙ جهڙيون عدالتون ٺاهينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے