16 جمعہ , نومبر 2018

پرامن چونڊن لاءِ مڪمل سهڪار ڪنداسين: آرمي اليڪشن سپورٽ سينٽر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي اليڪشن سپورٽ سينٽر جي چيئرمين چيو آهي ته پرامن چونڊن لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. سڄي ملڪ ۾ پرامن عام چونڊن جي سلسلي ۾ خاص طور قائم ڪيل آرمي اليڪشن سپورٽ سينٽر اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. ان ڏس ۾ آرمي اليڪشن سپورٽ سينيٽر جي چيئرمين چيف اليڪشن ڪمشنر سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران حفاظتي انتظامن ۽ فوج جي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آرمي اليڪشن سپورٽ سينٽر جي چيئرمين چيف اليڪشن ڪمشنر کي چيو ته اسان ملڪ ۾ پرامن عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، مڪمل سهڪار فراهم ڪنداسين. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا پاڪ فوج جي عزم کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته پرامن چونڊن لاءِ صوبائي حڪومتن به سهڪار ڪن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے