16 جمعہ , نومبر 2018

”بلين ٽري سونامي“ منصوبو نهايت ڪامياب رهيو، سپارڪو تصديق ڪري ڇڏي

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي قومي خلائي جاچ داري سپارڪو (Suparco)  خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ” بلين ٽري سونامي“ منصوبي جي افاديت جي تصديق ڪري ڇڏي. خلائي جاچ جي قومي اداري سپارڪو هڪ جاچ رپورٽ جاري ڪئي آهي  جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بلين ٽري سونامي منصوبي جي افاديت جي تصديق ڪئي آهي. سپارڪو پهريون وفاقي ادارو آهي جنهن آزاداڻي طور تي منصوبي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ نون لڳل وڻن ۽ تباهي کان بچايل جهنگن جو معائنو ڪيو. سپارڪو جي جاچ موجب نون لڳل ٻوٽن ۾ ڪاميابي سان نمو پاڻي جي شرح 88 سيڪڙو آهي جڏهن ته بلين ٽري منصوبي جي تحت پهرين کان موجود ٻوٽڻ جي تحفظ جي شرح 78 سيڪڙو آهي. سپارڪو طرفان جاري ڪيل رپورٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ افتخار دراني جو چوڻ آهي ته بلين ٽري منصوبو تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ايندڙ نسلن جي حوالي سان ويزن جو بهترين عڪس آهي. رڳو 13 ارب رپين ۾ ملڪي تايرخط جي سڀ کان وڏي وڻ ڪاري مهم جي ذريعي سوا ارب کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويا. منصوبي جو شروعاتي ڪاٿو 22 ارب رپيا لڳايو ويو هو پر منصوبپ لڳايل ڪاٿي کان ڪيتري ئي گهٽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ 22 ارب رپين بدران رڳو 13 اربن ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ خيبرپختونخواهه حڪومت جو شاندار ڪارنامو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ جي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي قيمت سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور سمارٽ فون جي ڪمپني  سام سنگ گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے