16 جمعہ , نومبر 2018

بلاول جي ريلي تي پٿراءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيلن کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي پٿراءُ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيلن کي شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ لياري پهچندڙ پ پ چيئرمين جي ريلي تي اڻڄاتل ماڻهن پٿراءُ ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سرڪاري فرياد تي 27 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. لياري جي علائقي ڪلري مان پوليس الزام هيٺ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن کان پڇا ڳاڇا به ڪئي وئي پر ان دوران پوليس کي ڪي واضح شاهديون نه ملي سگهيون. اڄ جاچ آفيسر انهن جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن جي بنياد تي اي ٽي سي کين آزاد ڪري ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتساب عدالت نواز شريف جي ٽرائل جي مدي ۾ واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٽرائل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے