15 جمعرات , نومبر 2018

احتساب عدالت جي فيصلي تي ان جي روح موجب عمل ڪيو ويندول نيب ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ترجمان چيو آهي ته ايون فيلڊ ڪيس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي تي ان جي روح موجب عمل ڪيو ويندو. نيب ترجمان موجب اسان کي احتساب عدالت مان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتاري وارنٽ ملي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته احتساب عدالت جي فيصلي تي ان جي روح موجب عمل ڪيو ويندو. نيب ترجمان وضاحت ڪئي ته گذريل ڏينهن عدالت جي فيصلي ۾ لکيو ويو هو ته نواز شريف تي ڪرپشن جا چارجز ناهن پر نيب آرڊيننس موجب جيڪي اثاثا آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ ظاهر ٿين ٿا ته اهي ڪرپشن جي زمري ۾ اچن ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اورنج لائن ۾ اربين رپين جا ٺيڪا ڏنا ويا، نيب جاچ ڪري رهي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار اورنج لائن منصوبي ڪيس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے