16 جمعہ , نومبر 2018

چين جي ”ليزر ڪلاشنڪوف “ بڻائڻ جي دعويٰ

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ڪلاشنڪوف جيان هڪ ليزر گن بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪا 800 ميٽر جي فاصلي تان انساني جسم ۽ لباس کي ساڙي سگهي ٿي. سائوٿ چانئا مارننگ پوسٽ موجب زيڊ جي زيڊ ايم نالي هڪ ڪمپني اهو خطرناڪ هٿيار بڻايو آهي. اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ان رائفل جي ليزر شعاع عام اک سان نظر ناهي ايند پر  فوري طور تي انساني جلد کي گهڻي گهرائي سان ساڙي سگهي ٿي. ليزر رائفل جو وزن رڳو 3 ڪلو گرام آهي جنهن ۾ جارچ ٿيندڙ ليٿيم آئن بيٽري لڳائي وئي آهي. ليزر بندوق تي ڪم ڪندڙ هڪ سائنسدان نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو ته ليز سان ٿيندڙ تڪليف برداشت جوڳي ناهي،  پر ان هٿيار جي وڌيڪ تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان. آمريڪي تجزيا ڪارن ان ايجاد کي رڳو هڪ دعويٰ قرار ڏني آهي ڇو ته ايتري مختصر گن ۾ طاقتور ليزر نظام لڳائڻ ممڪن ناهي ڇو ته ان قسم جي ليزر جي لاءِ هڪ طويل نظام جي ضرورت هوندي آهي. سائنسي قانون به ان جي اجازت نٿو ڏئي ڇو ته هڪ ننڍڙي بيٽري ايتري طاقوتر ليزر نٿي بڻائي سگهي. ان تي ڪم ڪندڙ چيني ماهرن هڪ ويڊيو جاري ڪندي ليزر  گن جي باري ۾ سمورن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن موجب ان کي ڏوهارين ۽ دشمنن کي مارڻ بدران  کيس عارضي طور تي بي وس ۽ تڪليف ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ جي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي قيمت سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور سمارٽ فون جي ڪمپني  سام سنگ گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے