15 جمعرات , نومبر 2018

فاسٽ فوڊ سان دم ۽ الرجي جو خطرو وڌي ويندو آهي: رپورٽ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته فاسٽ فوڊ کائڻ سان سڌو سنئون ڌم ۽ الرجي ناهي ٿيندي پر ان سان اهڙن مرضن جو خطرو ضرور وڌي ويندو آهي.  جرنل رسپائرولاجي ۾ شايع هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته فاسٽ فوڊ جو استعمال دم، الرجي، پولن فيور ۽ اکين جي هڪ ڪيفيت رائنو ڪنجنڪٽيوٽس جو سبب ٿي سگهي ٿو.  چين ۾ موجود ويسٽ چانئا اسپتال جي ڊاڪٽر گينگ وينگ جي ماهرن اها تحقيق ڪئي آهي. هن فاسٽ فوڊ کي گهٽ درجي جي غذا ٻڌايو آهي ۽ چيو آهي ته ان ۾ غذائيت ناهي هوندي ۽ ائين هو ڪيترين ئي الرجين ۽ دم وغيره جو سبب بڻجندو آهي. پر ماهرن چيو آهي ته ان ضمن ۾ وڌيڪ جاچ ۽ مطالعي جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دل جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ وارو اي سي جي طرح سمارٽ فون ايپ ايجاد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) دل جي دوري کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اي سي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے