21 بدھ , نومبر 2018

برسات شهباز شريف جي پئرس کي ڌوئي ساڳيو لاهور ڪري ڇڏيو: عمران خان

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف چيو لاهور کي پئرس بڻائيندس پر برسات پئي ته پئرس ڌوپي ويو ۽ هيٺان لاهور نڪتو،  مولانا فضل الرحمان لاءِ اقتدار کان ٻاهر رهڻ ائين آهي جيئن مڇيءَ لاءِ پاڻي کان ٻاهر رهڻ. ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو اهو سمجهڻ ضروري آهي ته هڪ قوم خوشحال ڪيئن ٿيندي آهي ۽ تباهه ڪيئن ٿيندي آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بيروزگاري آهي، ٻيو مسئلو هر ٻئي ڏينهن وڌندڙ مهانگائي آهي، جيئن جئين مهانگائي ٿيندي آهي غربت وڌندي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪا پاڪستان ۾ خوبصورت آهي، اها سوئٽزرلينڊ ۾ به ناهي، جيڪڏهن هن زمين کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ته اسان سڄي دنيا کي اَن ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان ۾ ڪوئلو، گئس، ٽامو، سون ۽ مختلف معديات موجود آهي، وسيلا هجڻ باوجود ملڪ جي اڌ آبادي غربت جي ليڪي ڀرسان آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪڏهن ٻار کي درس ئي نه ڏنو وڃي ته اهو ڪيئن پنهنجن جو خيال رکندو، خراب پاڻي پيئڻ سان هر سال ڏيڍ کان ٻه لک ٻار مرن ٿا. عمران خان چيو ته مان هڪ سال ۾ 8 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪري ڏيکاريندس، اهو ڪم ڏکيو ناهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان کي قرض جي ضرورت نه پوندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

President, PM urge nation to follow teachings of Holy Prophet (Peace Be Upon Him)

نبي پاڪ  ﷺ جي سيرت مبارڪ تي عمل ۾ ئي ترقي ۽ ڀلائي آهي: صدر ۽ وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جشن عيد ميلادالنبي ﷺ سموري ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے