20 ہفتہ , اکتوبر 2018

حريم فاروق جي ڪينيڊين وزيراعظم سان ملاقات

اوٽاوا (شوبز نيوز) پاڪستان جا ناليوارا فنڪار جتي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري کي عالمي سطح تي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، اتي ئي وري من موهڻي اداڪارا حريم فاروق ڪينيڊين وزير اعظم جسٽن ٽروڊو سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي انٽرٽينمنٽ انڊسٽريءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اداڪارا حريم فاروق اڄڪلهه ڪينيڊا جي دوري تي آهي، جتي گادي واري هنڌ اوٽاوا ۾ ۾ هن وزيراعظم جسٽن ٽروڊو سان ملاقات ڪئي. حريم فاروق ان ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪندي لکيو آهي ته ”هي لمحو منهنجي ڪيريئر جي بلندي آهي ته مون کي جسٽن ٽروڊو سان ملاقات جو موقعو مليو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪينيڊين وزيراعظم سان ملاقات ۾ مان پاڪستاني انٽرٽينمنٽ انڊسٽري جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، گڏوگڏ فلمن، ڊرامن، موسيقي ۽ ٽئلينٽ جي ڀائيواري سان ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آخر ۾ حريم فاروق پنهنجي سمورن مداحن جي محبت ۽ انهن جي سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا. واضح رهي ته حريم فاروق ”ديار دل، صنم ۽ موسم“ جهڙن ڪامياب ڊرامن سان گڏوگڏ فلم ”دوبارا ڦر سي ۽ پرچي“ ۾ پڻ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳائڻي شويتا پنڊت جو موسيقار انو ملڪ تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي موسيقار انو ملڪ به ”مي ٽو“ مهم جي وڪڙ ۾ اچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے