20 منگل , نومبر 2018

”طيفا ان ٽربل“ روس ۾ رليز ٿيندڙ پهرين پاڪستاني فلم

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي علي ظفر ۽ من موهڻي اداڪارا مايا علي جي فلم ”طيفا اِن ٽربل“پهرين پاڪستاني فلم هوندي، جيڪا روسي سئنيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پڻ پيش ڪئي ويندي. علي ظفر انسٽاگرام تي فلم جو هڪ پوسٽر شئير ڪيو، جنهن ۾ فلم جو ٽائٽل روسي ٻوليءَ ۾ لکيل نظر اچي رهيو آهي. علي ظفر ٻڌايو ته ”طيفا اِن ٽربل“پاڪستان جي پهرين  فلم هوندي، جيڪا روسي سئنيما گھرن جي زينت بڻجندي. اها فلم 20 جولاءِ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. واضح رهي ته اها علي ظفر جي پهرين پاڪستاني فلم آهي، جنهن ۾ مايا علي پڻ ڊيبيو ڪري رهي آهي. فلم جي ٽريلر ۽ گيتن رليز ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي وڏي مقبوليت ماڻي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميتاڀ بچن پاران مسلمانن کي عيدميلاالنبي(ص)جي مبارڪباد

ممبئي(شوبز نيوز بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن مسلمانمن کي جشن عيد ميلادالنبي حضور اڪرم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے