20 منگل , نومبر 2018

ٽه ملڪي سيريز فائنل ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ آسٽريليا آمهون سامهون

هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ميچ سڀاڻي هراري ۾ کيڏي ويندي ۽ قومي ٽيم ۾ حارث سهيل جي جاءِ تي صاحبزادا فرحان کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي، جيڪو ٽي 20 ڊيبيو ڪندو. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي فيصلائتي ميچ هراري ۾ پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندي. سيريز ۾ ٻئي ٽيمون ٻه ڀيرا هڪٻئي سامهون ٿيون، جن مان پهرين ميچ ڪينگروز ۽ ٻي ميچ گرين شرٽس کٽي، جڏهن ته ٻئي ٽيمون زمبابوي خلاف کيڏيل ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابيون ماڻي چڪيون آهن. ميزبان زمبابوي جي ٽيم سيريز ۾ کيڏيل چئني ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏٺو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شڪست تي مايوسي ٿي، غلطين مان سبق سکنداسين: سرفراز احمد

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ 176 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ناڪام ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے