18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: کپرو: اهم شخصيت نذير احمد مري پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾شامل

Khipro: Important personality Nazir Ahmad was involved in the DNA incident* کپري ڀرسان مري برادري جي وڏي شخصيت نذير احمد مري سوين ماڻهن سميت پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پ پ جو لياري سڏيو ويندڙ علائقي ڀٽ ڀائٽي ۾ مري برادري جي اهم ۽ معزز شخصيت نذير احمد مري پنهنجي سوين ماڻهن سميت جي ڊي اي اميدوار قاضي شمس الدين راڄڙ سان ملاقات ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

جي ڊي اي شموليت ڪندڙ نذير احمد مري دعويٰ ڪئي تـ ڀٽ ڀائٽي ۾ پ پ غريب ووٽرن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو آهي، تنهن ڪري هن سوين ماڻهن سان جي ڊي اي ۾ شموليت ڪئي.

ان موقعي تي پي،ايس،42 تي بيٺل جي ڊي اي اميدوار قاضي شمس الدين راڄڙ چيو ته پ پ جي 10 سالن ۾ اها ڪارگردگي هئي جو پ پ جا نظرياتي ڪارڪن بـ پارٽي ڇڏي اسان جي حمايت پيا ڪن.

هن چيو تـ پ پ ڇڏي ايندڙ هر ماڻهو جي محرومي ختم ڪنداسين،کين هر ڏک سک ۾ گڏ کڻي هلبو   ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے