14 بدھ , نومبر 2018

ڪي پي کي تباهه ڪندڙ عمران خان ملڪ ڇا ڌوڙ هلائيندو؟: نفيسا شاهه

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه تحريڪ انصاف سربراهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان ڪي پي ۾ بس ٽرانزٽ منصوبو ته نه ٺاهيو، ملڪ ڇا ڌوڙ هلائيندو؟. عمران خان جي ڪوهاٽ جلسي ۾ تقرير تي ردعمل ڏيندي نفيسا شاهه چيو ته تحريڪ انصاف سربراهه جلسن ۾ اهو سچ به ٻڌائي ته بي آر ٽي منصوبي جي لاڳت لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿي چڪي آهي، ملڪي قرضن تي تنقيد ڪندڙ عمران خان جي ڪي پي حڪومت 3 کرب رپيا قرض ورتو، اقتدار ۾ اچي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ عمران خان ٻڌائي ته ڪي پي حڪومت ڪيترو ٽيڪس گڏ ڪيو؟. هن چيو ته سوئٽزرلينڊ جا مثال ڏيندڙ عمران خان خيبر پختونخواهه کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، مائنس زرداري جي ڪوشش ناڪام ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے