13 منگل , نومبر 2018

انگلش ٽيم سوئيڊن کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

سمارا (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم سوئيڊن کي 0-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. فٽبال ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن جي ٽين ڪوارٽر فائنل ميچ روس جي شهر سمارا ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ انگلينڊ جي ٽيم شروع کان وٺي جارحاڻي راند کيڏي ۽ 30هين منٽ ۾ گول ڪري سرسي ماڻي ورتي. انگلينڊ طرفان پهريون گول هيري موگوئر ڪيو، جڏهن ته ٻيو گول راند جي 58هين منٽ ۾ ڊيلي علي ڪيو ۽ سوئيڊن کي وڌيڪ خساري ۾ وجهي ڇڏيو. سوئيڊن جا رانديگر آخر تائين ڪو به گول نه ڪري سگهيا ۽ انگلش ٽيم ٻڙيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوگنڊا ۾ اسڪول ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ٻارڙا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي

ڪمپالا (ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ يوگنڊا ۾ هڪ اسڪول ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ٻار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے