19 پیر , نومبر 2018

25 جولاءِ تي عمران خان جو سياسي جنازو ڪڍي نواز شريف کي ڪامياب ڪرائڻو آهي: شهباز شريف

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته فيصلو ان شخص خلاف آيو، جنهن پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو، اڄ هن عوامي سمنڊ ان فيصلي کي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نارووال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته الزام خان ڪي پي کي ڪنگال ڪري ڇڏيو، نارووال وارئو! توهان 25 جولاءِ تي شينهن تي ٺپو هڻي نيب جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏجو. هن چيو ته 2013ع ۾ سڄي پاڪستان ۾ ٽائر ساڙيا ويندا هئا، واپڊا آفيسن جو گهيرو ٿيندو هو، 2013ع ۾ نواز شريف چيو هو ته 5 ورهين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏينداسين، اڄ لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي. شهباز شريف چيو ته پشاور ۾ ميٽرو بس ته نه آئي، عمران خان عوام کي بس ڪرائي ڇڏي، انهن چورن ۽ ٺڳن کي 25 جولاءِ جي سمنڊ ۾ غرق ڪرڻو آهي، 25 جولاءِ تي عمران خان جو سياسي جنازو ڪڍي نواز شريف کي ڪامياب ڪرائڻو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے