20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان : محمد بخش غديري پي ٽي آءِ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

Tando Mohammad Khan: Mohammad Bukhari Ghadii PTI has been in favor of candidate* ٽنڊي محمد خان جي صوبائي تڪ 69 تي بيٺل مجلس وحدت المسلمين جو اميدوار مولانا محمد بخش غديري پي ٽي آءِ اميدوار سيد ذوالفقار شاهه جي حق ۾ هٿ کڻي ويو آهي.

 سعيد پور ٽڪر تي تحريڪ انصاف جي صوبائي نائب صدر ۽ صوبائي تڪ 69 جي اميدوار سيد ذوالفقار علي شاهه جي حمايت ۾ ايم ڊبليو ايم اڳواڻ مولانا محمد بخش هٿ کنيو.

ان موقعي مولانا محمد بخش چيو ته ته مجلس وحدت المسلمين تحريڪ انصاف سان چونڊاتحاد ڪيو آهي.

  هوڏانهن صوبائي تڪ 69 جي اميدوار ۽ تحريڪ انصاف جي صوبائي نائب صدر سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته ٽنڊو محمد خان مان زرداري جي ٽولي کي 25 جولاءِ تي تاريخي شڪست ڏني ويندي.

هن چيو ته ڪاميابي بعد عوام کي ڪرپٽ راشي اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن مان سدائين لاءِ ڇوٽڪارو ملي ويندو………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے