19 پیر , نومبر 2018

نيوز |گاجي کهاوڙ : پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ڪڙمين جو احتجاج

گاجي کهاوڙ جي  شاخن مڱيو ۽ کهاوڙ شاخ ۾ جولاءِ مهيني به زرعي پاڻي نه پهتو، جنهن خلاف آبادگارن شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري بس اسٽاپ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ميھڙ – گاجي کهاوڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

آبادگارن منير حسين کهاوڙ، حمزو چنو، عنايت علي کهاوڙ، عبدالوهاب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته ايريگيشن عملدار  سندن حصي جو  پاڻي غير قانوني طور تي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب  شاخن مان واري اڏامي رهي آهي.

آبادگارن چيو ته سارين جي مند ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي پر هن وقت تائين هنن ٻيجارو به نه پوکيو آهي.

هنن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بدعنوان آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے