15 جمعرات , نومبر 2018

ٽه ملڪي سيريز فائنل: گرين شرٽس جو اڄ ڪينگروز سان دنگل

Three Series Final Match: The Green Shirts Today's Carnival with Cangersهراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ميچ اڄ هراري ۾ کيڏي ويندي ۽ قومي ٽيم ۾ حارث سهيل جي جاءِ تي صاحبزادا فرحان کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي، جيڪو ٽي 20 ڊيبيو ڪيو. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي فيصلائتي ميچ هراري ۾ پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندي. سيريز ۾ ٻئي ٽيمون ٻه ڀيرا هڪٻئي سامهون ٿيون، جن مان پهرين ميچ ڪينگروز ۽ ٻي ميچ گرين شرٽس کٽي، جڏهن ته ٻئي ٽيمون زمبابوي خلاف کيڏيل ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابيون ماڻي چڪيون آهن. ميزبان زمبابوي جي ٽيم سيريز ۾ چارئي ميچون هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ آسٽريليا اڄ ٽائيٽل ماڻڻ لاءِ جنگ ٿيندي. قومي ٽيم شروعاتي ٻن ميچن ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ محمد حفيظ جي جاءِ تي حارث سهيل کان اوپننگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو پر اهو به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ هاڻ نوجوان بيٽسمين صاحبزادا فرحان کان ڊيبيو ڪرائڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے