21 بدھ , نومبر 2018

هن وقت پاڪستاني فلم انڊسٽري کي مڪمل سپورٽ جي ضرورت آهي: حيا سهگل

At this time, the Pakistani film industry needs full support: Haya Sehgalلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل حيا سهگل چيو آهي ته هن وقت پاڪستان فلم انڊسٽري مڪمل سپورٽ جي ضرورت آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اداڪارا حيا سهگل چيو ته دنيا ۾ سدائين اهي ماڻهو ۽ قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي هڪ ٿي ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪم ڪنديون آهن. اڄ اسان جن ملڪن جون مثالون ڏئي رهيا آهيون انهن ملڪن جي عوام کي وسيلا ئي وسيلا آهن ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا  آهن، انهن جي جدوجهد جو جائزو وٺون ته هڪ ئي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي اچي ٿي ته انهن ماڻهن هڪ ٿي ڪري بهتري ۽ ترقي واري پاسي ڏانهن قدم وڌايا ۽ اڄ سڪون ۽ اطمينان واري زندگي گذاري رهيا آهن. پر بدقسمتي سان اسان وٽ ائين ناهي . حيا سهگل چيو ته اسان ماڻهو هڪ ٻئي کي پوئتي ڇڏڻ ۽ رستن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيندا آهيون. هن وقت پاڪستان فلم انڊسٽري کي مڪمل سپورٽ جي ضرورت آهي. اسان جا نوجوان فلمساز پنهنجي قيمتي سرمائي مان فلمون پروڊيوس ڪري رهيا آهن، پر سينما گهرن ۾ اها موٽ نٿي ملي جيڪا غيرملڪي پروڊڪٽن کي ملي رهي آهي.  ادڪارا جو چوڻ هو ته هو ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته اسان وٽ فلمون هن وقت عالمي معيار موجب ناهن پر انهن جو معيار ماضي جي مقابلي تمام بهتر ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن انهن فلمن کي مڪمل سپورٽ ڪيو وڃي ته اهي ئي فلمون ريڪارڊ بزنس ڪري سگهن ٿيون. چو ته هن وقت ڏيکاريون ويندڙ فلمن ۾ ڪهاڻي، لوڪيشن، مزاح ۽ موسيقي سان گڏوگڏ نون چهرن جو خوبصورت اضافو پڻ شامل آهي. اهو ئي نه فلمن کي جديد ٽيڪنالوجي سان ايترو ته بهتر ڪيو پيو وڃي جو هاڻ اسان کي پاڻ کي ئي حيراني ٿيڻ لڳي آهي. حيا سهگل جو چوڻ هو ته ان صورتحال ۾ جيڪڏهن حڪومت ۽ سينما گهرن جا مالڪ پاڪستان فلمن سان گڏ بيهن ته اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪروڙين خرچ ڪري ڪنهن به غير ملڪي فلم کي امپورٽ ڪرڻ بجائي پنهنجي ئي فلم جي ذريعي ڪروڙين رپين جو منافعو حاصل ٿي سگهي ٿو. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته عوام جي  سڀ کان بهترين ۽ سستي تفريح اڄ به فلم ئي آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي سٺي فلم ڏسڻ جو موقعو مليا ته اسان وٽ سينما گهرن جي کوٽ ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے