16 جمعہ , نومبر 2018

خدا تي يقين آهي، هڪ ڏينهن ضرورت انصاف ڪندو: علي ظفر

God will believe in one day, justice: Ali Zafarلاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ور اسٽائل اداڪار ۽ راڳي علي ظفر اڄ ڪلهه پنهنجي پهرين پاڪستاني فلم” طيفا ان ٽربل“ جي مشهور مهم ۾ مصروف آهي، فلم ۾ علي ظفر سان گڏ اداڪارا مايا علي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اداڪارا مايا جي پڻ اها ڊبيو فلم آهي.  ويجهڙائي ۾ ڏنل انٽرويو ۾ علي ظفر فلم جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو ۽ فلم جو هدايتڪار احسن رحيم ڪافي عرصي کان فلم ٺاهڻ جو سوچي رهيا هئاسين. علي ظفر چيو ته جڏهن باليووڊ ۾ ڪم ڪري رهيو هئس ته ان وقت سوچيندو هيم ته جڏهن اسان جي انڊسٽري عالمي معيار جي ٿي ويندي تڏهن اسان اهڙيون فلمون ٺاهينداسين جن کي انٽرنيشنل ليول تي ريليز ڪيو وڃي. هڪ سال اڳ سندم وٽ ”طيفا ان ٽربل“ جو اسڪرپٽ آيو اهو بلڪل ڪنهن مصالحي دار کاڌي وانگر هو. آئون فوري طور ان باري ۾ احسن رحيم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ٻڌايم ته آئون ان فلم جي حوالي سان تمام گهڻو پرجوش آهيان، جنهن بعد اسان فلم جي ڪهاڻي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. علي ظفر چيو ته فلم”طيفا ان ٽربل“ جي ڪهاڻي لاهور جي گهٽين ۽ روڊن ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيندڙ نوجوان جي چوڌاري ڦرندي آهي. علي ظفر چيو ته هو لاهور ۾ پيدا ٿيو، لاهور ننڍي پاڙي ۾ کان ويندي لاهور جي گهٽين ۾ راند کيڏي جوان ٿيو، ٽانگي به سفر ڪيو آهي ۽ پنهنجي امڙ سان رڪشي ۾ پڻ سفر ڪيو آهي هن چيوته هن پنهنجي امڙ کي بس ۾ يونيورسٽي ويندي ڏٺو آهي. هن چيو ته منهنجو تعلق روايتي پنجابي گهراڻي سان آهي. فلم طيفا ان ٽربل ۾ منهنجو ڪردار اهڙي نموني جو هو. علي ظفر پنهنجي ڪردار بابت ٻڌائيندي چيو ته ”طيفا“ اندرون شهر جو چيتو هوندو آهي، جيڪو بائيڪ تي سير سفر ڪندو آهي، ماڻهو کڻندو آهي ۽ مذاق به ڪندو آهي، جڏهن ته اداڪارا مايا علي جو ڪردار پولينڊ ۾ رهندڙ ڇوڪري جو آهي جيڪا پنهنجي سڄي زندگي پولينڊ ۾ گذاريندي آهي. علي ظفر ڳائڻيءَ ميشا شفيع طرفان لڳايل جنسي طور هيسائڻ واري الزامن بابت ڳالهائيندي چيو ته خدا ۽ ان جي انصاف ته پورو يقين آهي، يقين آهي ته هڪ ڏينهن انصاف ضرور ٿيندو، انکانسواءِ جنهن جوش جذبي، ۽ ارادي سان هي فلم ٺاهي وئي آهي اها پنهنجو پاڻ ۾ مضبوط آهي فلم کي ان سمورين شين سان ڪو به فرق نٿو پوي.  علي ظفر چيو ته ڪنهن انسان ڏاڍي خراب طريقي زخم رسايو آهي پر مان سندس دل سان ٿورائتو آهيان، ڇو ته ان شخص جي سبب منهنجون تخليقي صلاحيتون وڌنديون آهن. ۽ تمام گهڻا نوان خيال ايندا آهن.  منهنجي ويجهو خوشي درد جي صورت ۾ ايندي آهي، ڪنهن عظيم ڪاميڊين چيو آهي ڪاميڊي ۾ ٽريجڊي ماڻهن کي کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. ڪاميڊي رڳو مزاح ۽ کلائڻ جو نالو ناهي پر ڪاميڊي اها صورتحال آهي جيڪا توهان کي هڪ ئي وقت ۾ روئڻ ۽ کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي.  علي ظفر وڌيڪ چيو ته خدا توهان کي بلندين کڻي ويندو آهي، اتي توهان کي تمام گهڻو تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، توهان جي رستي ۾ هر طرح جا ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا آهن، ڪاميابي حاصل ڪرڻ آسان ڪم ناهي.  ياد رهي ته فلم”طيفا ان ٽربل“ ۾ علي ظفر ۽ مايا علي کانسواءِ اداڪار جاويد شيخ، فيصل قريشي ۽ محمود اسلم اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، فلم هلندڙ مهيني 20 جولائي تي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شبانا اعظمي ۽ جاويد اختر فيض امن ميلي ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچي ويا

لاهور (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي فلم اسٽار شبانا اعظمي ۽ سندس مڙس جاويد اختر فيض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے