21 بدھ , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي

Another brother should be surrendered in Birmingham in Kashmir todayسرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان شهيد ٿيندڙ ڪشميري نوجوان برهان واني جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي جڏهن ته ڪشمير ۾ مڪمل شٽربند هڙتال آهي. برهان واني جي ٻي ورسي جي موقعي تي ڀارتي حڪومت ڪشمير کي هڪ دفعو ٻيهر پوليس ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪشميرن جو آواز دٻائڻ لاءِ انٽرنيٽ سروس پڻ بند ڪئي وئي آهي. والاريل ڪشمير ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ احتجاجي مظاهرن کي روڪڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ گشت ڪري رهي آهي. برهان واني هڪ هوشيار شاگرد هو، جنهن ڀارتي فوجين جي ظلمن جي خلاف 15 ورهين جي عمر ۾ آزادي لاءِ هٿيار کنيا، 8 جولائي 2016 کي ڀارتي فورسز جي هٿان نوجوان برهان مظفر واني جي شهادت ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.  اڄ برهان مظفر واني جي ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي، جنهن سندس يادن جا زخم تازا ڪري ڇڏيا آهن، برهان واني جي شهادت ستن ڏهاڪن کان حق خوداراديت لاءِ وڙهندڙ ڪشميرن جي آزديءَ واري تحريڪ ۾ نئون جوش پيدا ڪيو. برهان واني شهيد جي عمر 22 ورهيه هئي، جڏهن 8 جولائي 2016 کي والاريل ڏکڻ ڄمون ڪشمير جي هڪ ڳوٺ تي ڀارتي فوج ڪاروائي ڪئي. ان وقت برهان واني ۽ سندس ٻه ساٿي جنهن گهر ۾ موجود هئا، ان کي بم سان تباهه ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ برهان واني سميت ٽي ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. برهان واني سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن کي جاڳايو ۽ ان ڪوشش جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي نوجوان ان تحريڪ جو حصو بڻجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے