16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |سن: مزاد ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي، معصوم ٻارڙي فوت، 20 مسافر زخمي

سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي مزاد ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتجي ۾ معصوم باڙي فوت ٿي وئي جڏهن ته 20 مسافر زخمي ٿي پيا.

لڪي شاهه صدر وٽ ڪوٽڙي کان ڳوٺ ماڏو ڏانهن ويندڙ ڃڄ جي مزڊا ڪلٽي سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي مريم چانڊيو فوت ٿي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ زينب ، حميده ، ڪونج ارم ، ريحانه، مير محمد ، فرمان ، عالم ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

معصوم ٻارڙي جو مڙهه ۽ زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي گلن جهڙي نياڻي جو مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

سمورن زخمين ۽ فوتي معصوم ٻارڙي جو تعلق چانڊيا برادري سان آهي ٻئي طرف حادثي سبب شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ اطلاع پهچڻ تي ڳوٺ جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے