15 جمعرات , نومبر 2018

جپان ۾ طوفاني برساتن تبائي مچائي ڇڏي، 50 ڄڻا فوت، 16 لک شهري بي گهر

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جپان ۾ طوفاني برساتن سبب 50 ڄڻا فوت ۽ 48 گم ٿي ويا. طوفاني برساتن سبب ايندڙ برساتي وهڪرن سبب ملڪ جي اولهه ۽ وچ وارن علائقن ۾ لڳ ڀڳ 16 ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پئجي ويا، جپان ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ 50 ڄڻا فوت جڏهن ته 48 ڄڻا گم ٿي ويا، حڪومت برسات سبب متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ امدادي سرگرمين لاءِ فوج کي طلب ڪري ورتو آهي، فوتگين ۾ اضافو ٿيڻ جو خدشو آهي. جپان جي موسميات واري کاتي جي مرڪزي جزيري ”هونشوجي“ 3 ضلعن جي رهواسين کي خبردار ڪيو آهي ته هو سخت موسمي حالتن کان خبردار رهن، انهن ضلعن ۾ ريڪارڊ برسات پوڻ سبب لينڊ سلائيڊنگ، دريائن ۾چاڙهه ۽ طوفاني هوائن جو خدشو آهي، برساتن سبب ايندڙ برساتي وهڪرن سان ڪيترائي اهم شهر پڻ متاثر ٿيا آهن.  هيلي ڪاپٽر مان ٺاهيل ويڊيو ۾ تاڪاهاشي دريا جي ڪناري قائم شهر ڪورا شيڪي کي پاڻي ۾ ٻڏل ۽ رهواسين کي گهر جي ڇتن تي پناهه ورتل ڏسي سگهجي ٿو، جپان جي تاريخي شهر هيروشيما پڻ برساتن سبب سخت متاثر ٿيو آهي. لينڊ سلائيڊنگ ۽ برساتي وهڪرن جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڇنڇر جي صبح تائين 16 لک کان وڌيڪ شهرين کي پنهنجا گهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ٽوڪيو کان 600 ڪلوميٽر مفاصلي تي قائم موٽويامي نالي علائقي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي صبح جي وچ 583 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي. برسات جو سلسلو اڄ آچر تائين جاري رهي سگهي ٿو، جنهن ۾ وڌيڪ دريائن ۾ چاڙهه اچڻ جو خدشو آهي جڏهن ته پاڻي هيٺ علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب آهي ٿي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے