19 پیر , نومبر 2018

اسپرين جي گوري دماغي بيمارين کان بچائيندي آهي:ماهر

شڪاگو(ويب ڊيسڪ) هڪ نئين مطالعي مان معلوم ٿيو ته ڪيترن ئي بيمارين مان بچائڻ واري جادوئي اسپرين گوري هاڻي دماغ ۾ صفائي جو ڪم ڪندي خراب مواد کي ٻاهر ڪڍي رهي آهي.  ان جي استعمال سان الزائيمر ۽ ڊيمنشا جهڙي بيمارين جي خطري کي ٽاري سگهجي ٿو. يا الزائيمر جي بياري جي شدت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.  ڪوئن تي تجربي ڪرڻ کان پوءِ هي ڳالهه سامهون آئي ته اسپرين دماغ جي ان زهريلي پروٽين کي ختم ڪندي آهي جيڪي صحت جي دماغي خليات  کي تباهه ڪندا رهندا آهن  جئين ته اسپرين جو گهٽ مقدار به ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ماهرن ثابت ڪيو آهي ته اسپرين دماغ جي خليات جي وچ  ۾ فاسد مواد کي صاف ڪندي آهي  ۽ الزائيمر سميت ڪيترن ئي بيمارين کي ختم ڪندي آهي.  انهن کي اميد آهي ته هي گوري ڪوئن جي استعمال بعد انسانن تي به هي تجربو ڪامياب ٿيندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته الزائيمر جي بيماري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ڪا دوا ناهي پر اسپرين ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي آهي.  انهن جو چوڻ آهي ته امائي لوئڊ بي ٽا مبني فاسد خلوي مواد دماغ ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ هي ٽاءٌ پروٽين جو سبب بڻجندا آهن، ان سان دماغ جا صحت مند خليات تباهه ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ۽ الزائيمر جهڙا ڪي ئي مرض جنم وٺندا آهن  انهن ۾ اسپرين گوري تمام اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان جي سواءِ اسپرين جو استعمال دل ڪينسر جهڙن بيمارين کي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿولهه عورتن لاءِ نشي کان به وڌيڪ خطرناڪ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ زندگي ۽ موت جو واسطو سگريٽ واپرائڻ يا ٿولهه سان ناهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے