16 جمعہ , نومبر 2018

رپورٽ|ناليواري سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي ٻين ورسي ملهائي پئي وڃي

ناليواري سماج سڌارڪ ۽ ڏکايل انسانن جو دل ۾ سور سانڍيندڙ   عبدالستار ايڌي1928 ع ۾ ڀارتي رياست گجرات جي شهر بانٽوا ۾ جنم ورتو

1947 ۾ عبدالستار ايڌي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو .

لڳاتار 65 سالن تائين ڏکايل ، بي پهچي ۽ مصبيتن جي ماريل ۽ ماڻهن جي خدمت ڪندڙ عبدالستار ايڌي 1951 ع ڌاري انساني ڀلائي جي ڪمن جي شروعات ڪئي.

عبدالستار ايڌي اسپتال ايمبولينس خدمت کانسواِءِ معذورن لاءِ گهر ، بي سهارا ماڻهن لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو لاوارث ٻارن کي گود ورتو ۽ انهن جي والدين جيان پرورش ڪئي

عبدالستار ايڌي فائونڊيشن نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي ٻين حصن ۾ به انسان ذات جي خدمت ڪري رهي آهي .

عبدالستار ايڌي پاران مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ عيوض کيس پاڪسان سرڪار پاران نشان امتياز سان نوازيو ويو جڏهن ته پاڪ فوج کيس شيلڊ آف انر جو اعزاد ڏنو 1980 ۽ 1992 ۾ سنڌ سرڪار کيس سوشل ورڪر آف سب ڪانٽيننٽ جو خطاب ڏنو .

عبدالستار ايڌي 8 جولاءِ 2016 ع ۾ هن فاني دنيا مان 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ، جيتوڻيڪ عبدالستار ايڌي هن وقت اسان وٽ موجود نه آهي پر انسان ذات جي بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي خدمت ڪرڻ سبب  هو سدائين  ڏيهه واسين جي دلين ۾ زندهه رهندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے