17 ہفتہ , نومبر 2018

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: ٽن بينڪ سربراهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

Fake Bank Account Case: Three bank heads to be named in ECLاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ ٽن نجي بينڪن جي سربراهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جعلي بينڪ اڪائوٽن مان رقم منتقلي تي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي عدالت جعلي بينڪ اڪائونٽ رکندڙ 7 ڄڻن سميت ان مان فائدو حاصل ڪندڙ 13 ڄڻن کي 12 جولائي تي طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ جي طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سندس ڀيڻ فريال ٽالپور، طارق سلطان، ارم عقيل، محمد اشرف، محمد اقبال آرائين ۽ ٻين جي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا آهن. عدالت آءِ جي سنڌ کي سمورين فردن جي پيشي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته جڏهن ته عدالت اسٽيٽ بينڪ کي سمٽ بينڪ جي جمع ڪرايل 7 ارب رپين جي ايڪويٽي پڻ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جعلي بينڪ اڪائونٽن جي 13 بينيفشريز ۾ ناصر عبدالله، انصاري شوگر ملز، اومني پوليمئر پيڪجز، پاڪ ايٿنول پرائيويٽ لميٽڊ، چمبڙ شوگر ملز، ايگرو فارم ٺٽو، زرداري گروپ، پارٿينون پرائيويٽ لميٽڊ، اي ون انٽرنيشنل، لڪي انٽرنيشنل، لاجسٽڪ ٽريڊنگ، رائل انٽرنيشنل ۽ عمير ايسوسي ايشن شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے