17 ہفتہ , نومبر 2018

3 جون | تاريخ ڳالهائي ٿي

3 جون 1936 ۾ لاهور جي واپارين نهرو پاران پيش ڪيل سوشل ازم واري نظرئي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اها بي وقتائتي ڳالهه آهي
3 جون 1947 تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بابت سياسي اختيارن جي منتقليءَ جو اعلان آل انڊيا ريڊيو تان ڪيو ويو، ان اعلان کي وڏين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن قبول ڪيو.
پاڪستان ٺاهيندڙ وحدتن خلاف انتقامي ڪاررواين جي شروعات 3 جون 1948 تي ڪئي وئي، جنهن تحت بنگال سان واسطو رکندڙ اڳوڻي وزير اعظم کي گرفتار ڪيو ويو.جڏهن ته محمد ايوب کهڙي خلاف لڳايل 56 الزمن هيٺ جاچ شروع ڪئي وئي.
3 جون 1949 ۾ پاڪستان پنهنجي نئين ڪرنسي جو جاري ڪندي، گڏيل هندستان جي روپئي کي ختم ڪيو.
3 جون 1970 ۾ حڪومت پاران ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪئي وئي.
3 جون 1971تي ذوالفقار ڀٽي چيو ته اوڀر پاڪستان ۾ خراب حالتن جو ذميوار جنرل ايوب خان آهي، جنهن اوڀر پاڪستان جي ماڻهن کي مجبور ڪيو ته هو پاڪستان خلاف ٿين.
3 جون 1977تي پاڪستان نيشنل الائنس ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سرڪار وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ شرط قلم 144 کي ختم ڪري گرفتار ڪيل اڳواڻن کي آزاد ڪيو.
ناٽڪ نويس، ناول نگار ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جو جنم 3 جون 1908 ۾ ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غلام نبي شاھ: جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن  جو پاڻي نه پهچڻ خلاف مظاهرو

غلام نبي شاھ ۾ جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن ٽن مھينن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے