15 جمعرات , نومبر 2018

نواز شريف گهرواريءَ کي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي ڇڏي ڏيهه پيو موٽي: شهباز شريف

بهاول نگر (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي گهرواري کي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي ڇڏي ڏيهه موٽي رهيو آهي، ڇو ته ان جي دل ۾ قوم سان محبت آهي. بهاول نگر ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف ڏينهن رات قوم جي خدمت ڪئي، احتساب عدالت جي جج پاڻ چيو ته نواز شريف ڪرپشن ناهي ڪئي، اسان تي ڪوڙا الزام مڙهيا ويندا آهن. هن چيو ته توهان ڪوڙي خان کي ٻڌو، چوندو هو سڄي پاڪستان ۾ بجلي آڻينداسين، هاڻ چئي رهيو آهي ته بجلي ويهي رهي آهي، ڇا توهان ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي پاڪستان جو وزيراعظم بڻائيندئو؟. سندس چوڻ هو ته ڇا ايٽي طاقت جي منصوبي سان نواز شريف جي تختي لاهيندئو، بجلي ۽ سي پيڪ منصوبن تان تختي لاهيندئو؟. شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ڀارت پنهنجي چولستان کي سرسبز ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نٿا ڪري سگهون، اها ضرور ڪنداسين، ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ پهچي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو آهي، ڊيم ٺاهي اهو پاڻي گڏ ڪنداسين، پنجاب کي ملائيشيا ۽ ترڪي جهڙو نه بڻايم ته منهنجو نالو ناهي، واعدو ٿو ڪيان ڏينهن رات ڪم ڪندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد ۽ حسين لوائي جي وڌيڪ رمانڊ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين …