21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سڪرنڊ: پنجاب ۾ بلاول جي رستا روڪ ڪرڻ خلاف احتجاج

Sakrand: Protest against blocking roads in Punjabسڪرنڊ ۾ پ پ ڪارڪنن پاران پنجاب ۾ پ پ چيئرمين جي رستا روڪ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

صحافي چوڪ تي پ پ تعلقي صدر ڊاڪٽر بشير احمد، سيد علي حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪارڪنن پ پ چيئرمين جي رستا روڪ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ چيو ٿو وڃي ته پنجاب ۾ پ پ ختم ٿي چڪي آهي، اهي ٻڌائن ته جيڪڏھن پنجاب ۾ پ پ ختم ٿي چڪي آهي ته پوءِ ڪهڙي ڊپ سبب بلاول جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي.

 هنن چيو ته نگران سرڪار کي خبر هئي ته پنجاب جو عوام اڄ به پ پ سان محبت ڪري ٿو، پر پنجاب پوليس پارٽي قيادت جي رستا روڪ ڪري ثابت ڪيو ته هو وائڙائپ جو شڪار آهن.

سندن چوڻ هو ته اهڙين حرڪتن سان نه پ پ قيادت کي هراسان ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي وري جيالا خوفزده ٿيندا.

اڳواڻن چيو ته چونڊن ۾پيپلزپارٽي پنجاب سميت پوري ملڪ ۾ سوڀاري ٿيندي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے