19 پیر , نومبر 2018

ڪيپٽن (ر) صفدر ڏوهاري آهي، کيس هيرو بڻائي پيش نه ڪيو وڃي: نيب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب عوام ۽ ميڊيا کي درخواست ڪئي آهي ته ڪيپٽن صفدر کي هيرو بڻائي پيش نه ڪيو وڃي، اهو هڪ ڏوهاري آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري لاءِ ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون ويون، چئن جاچ ٽيمن ايبٽ آباد، مانسهرا ۽ هري پور ۾ ڪارروايون ڪيون، ان کانپوءِ محمد صفدر گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، کيس عدالتي فيصلي کانپوءِ پهرين ڏينهن ئي گرفتاري ڏيڻ گهرجي ها. نيب چيو آهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکندڙ ڏوهاري پاڻ کي جلسن ذريعي هاڻ نيڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڏوهاري کي ڪنهن به قسم جو تحفظ فراهم ڪندڙ عنصرن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. نيب موجب جن ماڻهن حراست ۾ رنڊڪون وڌيون، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، ڏوهاري کي حراست ۾ وٺڻ واري عمل کي نيب ڊيگهه نه ڏني.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي …