18 اتوار , نومبر 2018

سرينگر: ڀارتي فوج جو آپريشن، هڪ ڪشميري نوجوان شهيد

Srinagar: Indian army operation, a Kashmiri youth martyrسرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران هڪ وڌيڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج گذريل ڏينهن تحريڪ آزادي جي اڳواڻ برهان واني جي ٻي ورسي کان اڳ علائقي ۾ ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ ان دوران ڀارتي فوج ڪاروائي ڪندي ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ڪشميري ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي فوج جي تازي ڪاروائي ۾ وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪيو ويو آهي. ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج رات جي وقت ڪپواڙه ضلعي جي علائقي هندواڙه ۾ سرچ آپريشن ڪيو ۽ ان دوران هڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج نوجوان جي شهادت بعد ڪيشدگي کي نظر ۾ رکندي علائقي کي مڪمل طور تي گهراءُ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے