15 جمعرات , نومبر 2018

سٺي ڪردار جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس،: سجل علي

The good character is that I will definitely work.: Sajal Aliلاهور(شوبز نيوز) لاليووڊ جي من موهڻي اداڪارا سجل علي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن، سٺي ڪردار جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس پر فلمن ۾ آئٽم سانگ ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سجل علي چيو ته فلم جي ڪاميابي ۽ ناڪامي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن تي ڪنهن جو ڪنٽرول ناهي، پر هڪ ڳالهه جيڪا خاص آهي اسان جي فلمن جي معيار ۾ بهتري آئي آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري اچي رهي آهي. سنيما گهرن جي ويراني ڏور ٿي رهي آهي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. اداڪارا چيو ته باليووڊ ۾ ڪم ڪرڻ ضروري ته ناهي پر هڪ ڳالهه جيڪا تمام گهڻي اهم آهي ته جيڪي فنڪار باليووڊ ۾ ڪم ڪري وطن واپس ايندا آهن ان کي هڪ الڳ مقام ملي ويندو آهي. اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ناهي ايندي پر اها حقيقت آهي. ان جي ڀيٽ ۾ آئون جڏهن باليووڊ ۾ فلم سائن ڪئي ته بهترين موٽ ملي، ان جو وڏو سبب پاڪستاني ڊراما آهن جيڪي ڀارت ۾ ڏٺا ۽ پسند ڪيا ويندا آهن انڪري مونکي ڀارت ۾ ميرٽ جي بيناد تي ڪاسٽ ڪيو ويو . هڪ سوال جي جواب ۾ سجل علي چيو ته باليووڊ ۾ فلمسازي جو پنهنجو ڪلچر آهي ۽ اُتي ڪم ڪندڙ اداڪارائون ان موجب بولڊ سين فلمائيندو ۽ لباس جي چونڊ ڪنديون آهن. جڏهن ته اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪو به شوق ناهي جنهن سان منهنجي ڪم کي پسند ڪندڙ ناظرين کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پوي. انڪري اهڙي طرح جي آڇون قبول نه ڪنديس، جيڪي سندم مزاج جي خلاف هجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shah Rukh Khan's "wardrobe" is bigger than my house: Amir Khan

شاهه رخ خان جي“الماڙي” منهنجي گهر کان وڏي آهي: عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان شاهه رخ خان کي پاڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے